غزہ: رت جو سمنڊ ۽ سفارتي منافقت جو عالمي ناچ

غلام مصطفيٰ جمالي

غزہ: رت جو سمنڊ ۽ سفارتي منافقت جو عالمي ناچ

غزہ، جيڪا ڌرتي صدين کان مزاحمت، صبر ۽ قربانيءَ جي علامت رهي آهي، اڄ ٻيهر باهه، بارود ۽ رت جي درياهه ۾ ٻڏل نظر اچي ٿي. هي ننڍڙو علائقو، جيڪو دنيا جي نقشي تي شايد فقط هڪ تنگ پٽي هجي، پر تاريخ، غيرت ۽ انساني وقار جي حوالي سان هڪ وڏي ڪهاڻي پنهنجي اندر سموئي ويٺو آهي. اڄ جڏهن اسرائيلي فوج جا جديد ترين هٿيار، جنگي جهاز ۽ ميزائيل هن زمين تي وسن ٿا، تڏهن رڳو عمارتون نه ڊهن ٿيون، پر اميدون، خواب ۽ مستقبل به ڳوڙهن ۾ وهي وڃن ٿا. غزہ ۾ ٿيندڙ ڪارروايون رڳو جنگي حڪمت عملي نه آهن، بلڪه اهي انسانيت خلاف هڪ منظم دهشت آهن. معصوم ٻار، جيڪي رانديڪن سان کيڏڻ جو سنهري حق رکن ٿا، اڄ بم جي دهشت ۾ لرزن ٿا. ماءُ جي جهولي، جيڪا هميشه محبت ۽ تحفظ جي علامت رهي آهي، اڄ رت سان رڱجي وئي آهي. پوڙها، جن کي زندگيءَ جي آخر ۾ سڪون ملڻ گهرجي، سي ملبن هيٺان آخري ساھ ڳڻي رهيا آهن. اهو سڀ ڪجهه دنيا جي اکين آڏو ٿي رهيو آهي، پر عالمي ضمير اڃا تائين خاموش نظر اچي ٿو. اسرائيلي رياست جي پاليسين جو بنياد هميشه طاقت، قبضو ۽ جبر رهيو آهي. فلسطينين جي زمينن تي ناجائز قبضا، غيرقانوني آبادڪاريون، ۽ شهري آباديءَ تي بي رحمانه حملا هن سياست جو تسلسل آهن. غزہ کي هڪ وڏي قيدخاني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ويو آهي، جتي هر رستو بند، هر ساهه تي پابندي ۽ هر آزاديءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي. بجلي، پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ اهڙي ته وڌي وئي آهي جو زندگي روز بروز موت ڏانهن وڌي رهي آهي. عالمي ادارا، جيڪي انساني حقن جا دعويدار آهن، اڄ اهڙي خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن، ڄڻ غزہ جي رت ۾ سندن به ڪو حصو آهي. گڏيل قومن جون قراردادون، انساني حقن جون ڪانفرنسون ۽ امن بابت ڳالهيون رڳو ڪاغذن تائين محدود بڻجي ويون آهن. جڏهن غزہ جا ٻار مري رهيا آهن، تڏهن وڏيون طاقتون سفارتي بيانن ۽ نرم مذمتي لفظن سان پنهنجو فرض پورو سمجهن ٿيون. اهڙي حساس عالمي صورتحال ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو امريڪا جو دورو به سياسي منظرنامي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو. واشنگٽن جي وڏن محلن ۾ ٿيندڙ ملاقاتون، هٿ ملاپ، مسڪراهٽون ۽ معاشي معاهدا انهيءَ سفارتي راند جو حصو آهن، جتي انساني جانن کان وڌيڪ مفادن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. هڪ پاسي غزہ ۾ رت وهي رهيو آهي، ٻئي پاسي عالمي اڳواڻ اقتدار، واپار ۽ هٿيارن جي سوديبازي ۾ مصروف آهن. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ته ڇا هي ملاقاتون غزہ جي زخمن تي مرهم رکنديون يا رڳو سفارتي منافقت کي وڌيڪ هٿي ڏينديون؟ سعودي عرب اسلامي دنيا جو اهم ملڪ هئڻ سبب هميشه فلسطين جي حمايت جو دعويدار رهيو آهي، پر عملي طور ڏٺو وڃي ته عالمي دٻاءُ، معاشي مفادن ۽ سياسي اتحادين سبب اها حمايت گهڻو ڪري بيانن تائين محدود رهي آهي. سعودي ولي عهد جو آمريڪي دورو به ان نازڪ توازن جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي هڪ پاسي اسلامي امت جون اميدون آهن ته ٻي پاسي آمريڪي پاليسين سان ويجهڙائپ جو حساب ڪتاب هلي رهيو آهي. غزہ جي موجوده صورتحال صرف فلسطين جو مسئلو نه، پر پوري انسانيت جو امتحان بڻجي چڪي آهي. هي رڳو هڪ علائقائي تڪرار نه، پر حق ۽ باطل، مظلوم ۽ ظالم، انسانيت ۽ بربريت جي وچ ۾ کليل جنگ آهي. غزہ جي هر گهڙي اسان کي اهو ياد ڏياري ٿي ته جديد دنيا جي دعويدار تهذيب اڃا تائين طاقت جي پوڄا کان آزاد نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ميزائيلن جي گونج ۾ ٻارن جا روڏڪا دٻجي وڃن ٿا، تڏهن تاريخ جا ورق خاموش شاهد بڻجي هڪ ڏينهن ضرور فيصلي جو قلم کڻندا. ميڊيا جو ڪردار به هن الميي ۾ انتهائي اهم، پر افسوسناڪ رهيو آهي. ڪجهه عالمي ميڊيا ادارا حقيقت کي لڪائڻ، لفظن کي موڙڻ ۽ جارحيت کي “دفاع” جو نالو ڏيڻ ۾ سرگرم آهن. فلسطيني ٻار مري، ته ان کي “ڪوليٽرل ڊيميچ” چئي ٽاري ڇڏيو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن ساڳيو عمل مغربي دنيا ۾ ٿئي، ته انساني حقن جا نعرا آسمان کي چُمي وٺن ٿا. هي ٻٽو معيار ئي اصل سفارتي منافقت جو واضح ثبوت آهي. غزہ جا شهري اڄ به پنهنجي وس آهر مزاحمت ڪري رهيا آهن. سندن هٿن ۾ جديد هٿيار نه سهي، پر سندن دلين ۾ آزاديءَ جي تپش ۽ پنهنجي سرزمين سان اٽل وابستگي موجود آهي. اهي ڄاڻن ٿا ته خاموش رهڻ موت کان به وڌيڪ ذلت ڀريو آهي، تنهنڪري هو هر ظلم جي سامهون سر جهڪائڻ بدران استقامت جو رستو اختيار ڪن ٿا. غزہ جي هر شهيد جو رت مزاحمت جي نئين لهر کي جنم ڏئي ٿو، جيڪا وقت جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ بيتاب آهي. عالم اسلام لاءِ به هي گهڙي انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن اڄ به مسلم ملڪن جا حڪمران رڳو بيانن تائين محدود رهيا، ته تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي. اتحاد، عملي مدد، سفارتي دٻاءُ ۽ معاشي قدمن ذريعي فلسطين سان گڏ بيهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٻي صورت ۾، هي خاموشي مستقبل ۾ وڌيڪ الميانن جو پيش خيمو ثابت ٿيندي. انساني حقن جا عالمي علمبردار، جيڪي جمهوريت، آزادي ۽ انصاف جا درس ڏين ٿا، انهن لاءِ به غزہ هڪ کليل سوال آهي. ڇا سندن اصول صرف طاقتورن لاءِ آهن يا مظلومن لاءِ به ڪو قدر رکن ٿا؟ ڇا انسانيت جا معيار صرف نسل، مذهب ۽ مفادن جي بنياد تي طئي ڪيا ويندا؟ جيڪڏهن ائين ئي رهيو، ته پوءِ عالمي نظام جي اخلاقي بنيادن تي به سنجيده سوال اٿي بيهندا. غزہ جي ڀڳل گهٽين، رت سان رڱيل ڀتين ۽ يتيم ٻارن جي خالي نگاهن ۾ هڪ پيغام لڪل آهي: ظلم هميشه دائمي نه هوندو. تاريخ شاهد آهي ته هر فرعون جو انجام ٿيو آهي، هر ظلم جو حساب ٿيو آهي. غزہ جي زمين به اهو ڏينهن ضرور ڏسندي جڏهن امن، آزادي ۽ عزت سان زندگي ٻيهر موٽي ايندي. اڄ جي دور ۾ اصل ضرورت اها آهي ته عالمي ضمير جا بند در ٽٽجن، سفارتي منافقت جا پردا چيري حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ غزہ جي مظلومن سان گڏ بيهڻ کي اخلاقي فرض سمجهيو وڃي. جيڪڏهن دنيا اڄ به خاموش رهي، ته سڀاڻي تاريخ صرف غزہ جي نه، پر ان خاموش دنيا جي به فيصلي ۾ دير نه ڪندي. غزہ رت جي سمنڊ ۾ ٻڏل ضرور آهي، پر ان سمنڊ جي هر لهر مزاحمت، حوصلي ۽ اميد جو پيغام ڏئي رهي آهي. اهو پيغام ته ظلم جي رات ڪيتري به ڊگهي هجي، سحر ضرور ايندي ــ ۽ اها سحر غزہ جي آزادي، فلسطين جي وقار ۽ انسانيت جي فتح جي صورت ۾ طلوع ٿيندي.