ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ڊاڪٽرفضل سومرو، قائم اڄڻ ۽ ٻين مريضن کي تپاسي، مفت دوائون ڏنيون
ڪراچي(رپورٽر)سرينه وليج ۾ هڪ ڏينهن جي ميڊيڪل ڪيمپ جو انعقاد، ڪيترن ئي مريضن ۾ ٽي بي ظاهر، مريضن جا ايڪسريز، ٽيسٽون مفت ڪرڻ سان گڏ دوائون به مفت ڏنيون ويون. ڪراچي ۾ سپارڪو روڊ تي سرينا وليج اسڪيم ٽيٽيه ۾ ڳوٺ جي يونين طرفان ميڊيڪل ڪميپ لڳائي وئي. ڊاڪٽرفضل الله سومرو ، قائم الدين اڄڻ جي سربراهي ۾ ڪيمپ لڳائڻ جو مقصد علائقي جي غريب ماڻهن کي طبي سهولت ڏيڻ هو. ميڊيڪل ڪيمپ خاص طور ٽي بي بابت ڄاڻ، ٽيسٽن ۽ علاج لاءِ لڳائي وئي. اٺ ڪلاڪ جاري رهندڙ هن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ٽي سئو ماڻهن فائدو حاصل ڪيو. انهن مان ڪجهھ مريضن ۾ ٽي بي جي بيماري ظاهر ٿي. جن کي ٽي بي پروگرام تحت مفت دوائون ڏنيون ويون. ڊاڪٽر فضل الله سومرو جو چوڻ هو ته، ڪيمپ لڳائڻ ۾ يونين جي اڳواڻن قائم الدين اڄڻ، عبدالستار ڪليم سومرو جي مدد حاصل رهي. دوائون ۽ ڊاڪٽرن جي فيس مهانگي ٿيڻ سبب غريب ماڻهن لاءِ علاج ڪرائڻ ۽ دوائون وٺڻ وڏو مسئلو ٿي پيو آهي. انڪري سندن مدد لاءِ اهڙي قسم جون ڪيمپون لڳاڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي.
0 تبصرے