بار ايسوسيئيشن جي وائيس پريزيڊنٽ، ميان بخش کوسو جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪارونجھر جي ڪيس کي آئيني عدالت ۾ هلائڻ خلاف شروع ٿيل تحريڪ جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ ۾ قانوني حلقن سخت احتجاج جو اظهار ڪيو، بار ايسوسيئيشن جي وائيس پريزيڊنٽ، ميان بخش کوسو مڪمل ڏينهن هڙتال جو سڏ ڏنو، جنهن کي وڪيل برادري مڪمل طور تي قبول ڪيو، اڱاري جي ڏينهن ضلعي جي سمورين عدالتن ۾ ڪمن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو، وڪيل پيش نه ٿيا جنهن سبب ڪيسن جي ڪارروائين ۾ تعطل پيدا ٿيو، بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪارونجھر جبل سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي ورثي جو اهم حصو آهي، ۽ ان خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي برداشت نه ڪئي ويندي، وڪيل اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارونجھر تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي ۽ جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، هن موقعي تي بار ايسوسيئيشن قيادت حڪومت کان گهر ڪئي ته فوري طور ڪارونجھر خلاف غيرقانوني قدم واپس ورتا وڃن ۽ جبل کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي.
0 تبصرے