سافڪو کي اسلامي مالياتي خدمتن تي انٽرنيشنل ريٽيل بينڪنگ ايوارڊ 2025 طرفان ’ايڪسيلنس ايوارڊ‘سان نوازيو ويو

سافڪو کي اسلامي مالياتي خدمتن تي انٽرنيشنل ريٽيل بينڪنگ ايوارڊ 2025 طرفان ’ايڪسيلنس ايوارڊ‘سان نوازيو ويو

حيدرآباد: سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني کي 'انٽرنيشنل ڪانفرنس آن اسلامڪ بينڪنگ اينڊ فنانس' دوران 11 هين انٽرنيشنل ريٽيل بينڪنگ ايوارڊز 2025 سان نوازيو ويو آهي. سافڪو پاران جاري ڪيل بيان موجب، اهو ايوارڊ سافڪو جي 'يقين اسلامڪ فنانس' کي اخلاقي ۽ اصولي قرض ڏيڻ ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ غريب ۽ مالي طور تي محروم طبقن لاءِ حلال، شريعت جي مطابق مالي خدمتن تائين رسائي کي وڌائڻ جي ڪوششن جي مڃتا طور ڏنو ويو. ان ايوارڊ ذريعي آفت کان بچاءُ، جدتن کي ھٿي وٺرائڻ، قرضدار جي مفاد کي ترجيح، ۽ سماجي طور تي ذميوار اسلامي مالياتي ڍانچي ذريعي اسلامي مائيڪرو فنانس شعبي کي مضبوط ڪرڻ ۾ سافڪو ڪردار کي مڃيو ويو آھي. گذريل ڪجھ سالن کان سافڪو پنهنجي اسلامي مالياتي خدمتن کي ڏورانهن علائقن تائين وڌايو آهي ۽ گهرج آھر جامع اسلامي مالياتي سھولتون متعارف ڪرايون آهن، ۽ گراھڪ جي تجربي کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪم کي سگهارو ڪيو آهي. ايس ايم سي ايل يقين اسلامڪ فنانس گهٽ آمدني وارن گهرن، خاص طور تي عورتن ۽ ننڍن ڪاروباري ماڻهن لاءِ باعزت، حلال ۽ سستي مالي سھولت تائين رسائي يقيني بڻائڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. ايوارڊ حاصل ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو گروپ جي باني ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو چيو ته ايوارڊ حاصل ڪرڻ اسان لاءِ هڪ عالمي مڃتا آهي. اهڙين ڪاميابين مان اخلاقي، جامع ۽ شريعت مطابق مالي خدمتن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ سافڪو جي پختي عزم جو اظهار ٿئي ٿو. آئون هي ايوارڊ پنهنجن سافڪو خدمتن مان فائدو وٺندرن، شراڪتدارن ۽ محنتي سافڪو ٽيم جي نالي ڪريان ٿو. ان موقعي تي ايس ايم سي ايل مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه ۽ سافڪو قيادت جا ٻيا سينئر ميمبر تنظيم جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ موجود هئا. سيد سجاد علي شاھ جو چوڻ ھو تھ هن ايوارڊ سان اعتماد، وقار ۽ مالي بااختيار بڻائڻ واري اسان جي عزم کي ھٿي ملي آھي.