ڪنري ۾ شهادت سيده فاطمه الزهرا سه جي مناسبت سان مجلس عزا برپا

مرڪزي امام بارگاه الحسيني ۾ انجمن غلامانِ غازي عباس جي تعاون سان مجلسِ عزا برپا

ڪنري ۾ شهادت سيده فاطمه الزهرا سه جي مناسبت سان مجلس عزا برپا

عمرڪوٽ (ڊ ر)ايام شهادت سيده فاطمه الزهرا سلام الله عليها جي مناسبت سان مرڪزي امام بارگاه الحسيني ڪنري ۾ انجمن غلامانِ غازي عباس جي تعاون سان هڪ مجلسِ عزا منعقد ڪئي وئي۔مجلسِ عزا ۾ علامه منظور حسين ميمڻ آف خيرپور ۽ علامه حيدر عباس خطاب ڪيو۔عالمن ڪرام سیده فاطمه الزهرا سلام الله عليها جي سيرت تفصيل سان بيان ڪئي، جڏهن‌ ته زوار جادم علي قصيده پڙهيو ۽ نوحه خواني زاهد حسين، ڪزن برادران ۽ ماتم‌داري ماتمي دستو انجمن غلامان غازي عباس ڪنري، ماتمي انجمن ڊگري ۽ ماتمي انجمن عمرڪوٽ پاران ڪئي وئي۔نظر نياز الحسيني امام بارگاه جي متولي عباس علي شاهه ڪاظمي، زوار سليم لاهوتي، الفت حسين، زوار جاويد رضا، اسد علي کوکر، لطيف جاني، معظم علي ۽ ڪهيڙي برادري ڪنري جي تعاون سان پيش ڪيو ويو۔