ٺٽي واسڻ ناري انيلا کنڀاٽي تي تشدد وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو

ناري جي الزامن کي سندس مڙس امير حيدر پنهور رد ڪندي جڳهه تي الزام لڳائي ڇڏيو

ٺٽي واسڻ ناري انيلا کنڀاٽي تي تشدد وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي جي رهواسڻ انيلا کنڀاٽي تي تشدد وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو. سندس مڙس پاران معاملو ڊرامو قرار. انيلا کنڀاٽي پاران سندس مڙس تي مبينا تشدد، گهر جو سامان ۽ زيور قبضو ڪرڻ، ۽ ٻارن سميت گهر مان بي دخل ڪرڻ جا الزام لڳائڻ بعد، سندس مڙس امير حيدر پنھور انهن سڀني الزامَن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته اهي رقم هڙپ ڪرڻ ۽ سندس خريد ڪيل جاءِ تي قبضي جي سازش آهن. جنھن سلسلي ۾ هن معاملي جي جانچ لاء ايس ايس پي ٺٽو وٽ به تحريري درخواست داخل ڪئي آهي.تفصيلي خبر موجب گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي انيلا کنڀاٽي پاران دعويٰ ڪئي وئي هئي ته سندس مڙس کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائيندو آهي، کيس ۽ ٻارن کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ زيورن سميت ٻيو سامان قبضو ڪري ورتو آھي. اڄ عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي الزام ھيٺ آيل امير حيدر پنھور چيو ته هو عزتدار ، ۽ شريف شهري آهي ۽ سڄو علائقو کيس هڪ ڪاروباري شخص جي حيثيت سان ڄاڻي ٿو.امير حيدر ٻڌايو ته کيس تازو هڪ سودي جا ساڍا ست لک روپيا مليا هئا جيڪي هن پنهنجي زال انيلا وٽ رکايا هئا. هن موجب هو رات جو پنهنجي ٻئي گهر تي رهندو آهي ۽ صبح جو جڏهن واپس آيو ته گهر تي مختلف تالا لڳل هئا. پاڙيسرين ٻڌايو ته انيلا پنهنجي ڀاءُ اويس کنڀاٽي سان گڏ ڪجهه سامان پاڻ سان گڏ کڻي ھلي وئي آهي. امير حيدر چيو ته شاهدن جي موجودگي ۾ تالا ٽوڙي گهر جي تلاشي ورتي وئي ته الماري مان نقد رقم ۽ زيور غائب هئا، جنهن کان پوءِ هن گهر تي نئون تالو لڳايو.انيلا کنڀاٽي جي طرفان اباڻي گهر تي قبضو ڪرڻ جي الزام کي به هن رد ڪيو ۽ چيو ته اهو گھر انيلا جي ڀاءُ اويس کنڀاٽي، سندس والد ۽ انيلا کان ھن ٽيهن لکن روپين ۾ خريد ڪيو هو ۽ ان جون رسيدون ۽ تحريري ثبوت به وٽس موجود آهن. امير حيدر وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته سندس شادي انيلا سان ويهه مهينا اڳ ٿي هئي ۽ ان دوران انيلا ڪڏهن پنهنجي سئوٽِ سحرش کنڀاٽي جي نالي تي ته ڪڏهن ٻين بهانن سان رقم وٺندي رهي آهي. هن موجب انيلا، سندس ڀاءُ اويس ۽ سحرش کنڀاٽي وارن گڏجي گهٽ ۾ گهٽ پنجھٺ لکن روپين جو هن سان فراڊ ڪري چڪا آهن .امير حيدر جو چوڻ آهي ته انيلا رقم هڙپ ڪرڻ ۽ سندس خريد ڪيل جاءِ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هي سڄو ڊرامو ڪيو آهي. هن معاملي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جانچ لاءِ ايس ايس پي ٺٽو سميت آرمي چيف، وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته حقيقتون سامهون آڻي کيس انصاف ڏياريو وڃي.