سجاول ۾ پي ٽي آءِ پاران 27هين ترميم خلاف احتجاجي مظاهرو

27هين ترميم عوام جي حقن تي ڌاڙو آهي. هي ترميم وفاقي اڏاوت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي: ممتاز شاهه بخاري

سجاول ۾ پي ٽي آءِ پاران 27هين ترميم خلاف احتجاجي مظاهرو

سجاول (رپورٽر) 27هين ترميم خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جو احتجاجي مظاهرو، سجاول ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (PTI) پاران 27هين آئيني ترميم جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ضلعي صدر سيد ممتاز شاهه بخاري ڪئي.مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي حڪومت خلاف نعرا هنيا. مظاهري دوران خطاب ڪندي ممتاز شاهه بخاري چيو ته 27هين ترميم عوام جي حقن تي ڌاڙو آهي. هي ترميم وفاقي اڏاوت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. پي ٽي آءِ ڪنهن به غير جمهوري قدم خلاف احتجاج جاري رکندي. هنن مطالبو ڪيو ته ترميم کي واپس وٺي، پارليامينٽ ۽ قوم سان انصاف ڪيو وڃي.احتجاج ۾ ذوھيب سومرو.پيار علي .سميت ضلعي تعلقي جا ڪارڪن موجود هئا