English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ايجوڪيشن جي ضلعي اوورسائيٽ ڪميٽي جو اجلاس
5 views
|
20th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي سطح تي مانيٽرنگ کي وڌيڪ موثر بڻائي خامين جو بروقت خاتمو يقيني بڻايو وڃي: نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ايجوڪيشن جي ضلعي اوورسائيٽ ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي تعليمي معاملن، اسڪولن جي موجوده صورتحال، مانيٽرنگ رپورٽن ۽ بهتري لاءِ تجويز ڪيل قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ان موقعي تي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري مير حسن آريسر، پرائمري عنايت الله ڪنڀر، چيف مانيٽرنگ اينڊ ايوليئيشن آفيسر، ايڪسئين ايجوڪيشن ورڪس عمرڪوٽ وِشال داس، ڊسٽرڪٽ آفيسر آر ايس يو عمرڪوٽ، اڪائونٽ آفيسر عمرڪوٽ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔ ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم ڪنهن به معاشري جي ترقي جو بنيادي ستون آهي، تنهن ڪري ضلع عمرڪوٽ جي سمورن اسڪولن ۾ معياري تعليم، شاگردن جي حاضري، استادن جي ڪارڪردگي ۽ تدريسي ماحول جي بهتري پهرين ترجيح آهي۔ هن چيو ته ضلعي سطح تي مانيٽرنگ کي وڌيڪ موثر بڻائي خامين جو بروقت خاتمو يقيني بڻايو وڃي۔ اجلاس دوران ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن تفصيلي بريفنگ پيش ڪئي، جنهن ۾ انرولمينٽ، غير حاضر استاد، تدريسي معيار، اسڪولن جون انسپيڪشن رپورٽون، غير فعال يا جزوي فعال اسڪول، مرمتي ڪم، ايس ايم سي فنڊز جي استعمال ۽ موجوده انتظامي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي۔ ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي جي سمورن اسڪولن جي باقاعده مانيٽرنگ ۽ ماهوار رپورٽ ضلعي اوورسائيٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي ويندي۔ استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي بهتر بڻائڻ لاءِ بائيوميٽرڪ سسٽم جي مڪمل فعاليتي يقيني بڻائي ويندي۔ ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ سخت هدايتون ڏيندي چيو ته جيڪي استاد غير حاضر آهن، انهن خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي۔ هن چيو ته جن اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، تن لاءِ فوري اسيسمينٽ رپورٽ تيار ڪري فنڊز جي فراهمي لاءِ سفارشون موڪليون وڃن۔ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايم سي فنڊز جي شفاف ۽ موثر استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ۽ غير فعال يا گهٽ انرولمينٽ وارن اسڪولن لاءِ خاص ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ وڌيڪ چيو ته تعليمي نظام ۾ بهتري لاءِ سڀني کاتن جي گڏيل ڪوششون ضروري آهن۔ هن هدايت ڪئي ته سڀئي آفيسر مقرر وقت اندر پنهنجون رپورٽون ۽ سفارشون جمع ڪرائن، جيئن ضلعي ۾ تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو قتل، PST ۽ JEST نوجوانن تي ظلم جو داستان!
20th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وفا جو پيڪر مخدوم امين فهيم..!!
20th Nov 2025
•
تازہ ترین
خاتونِ اول بی بی آصفہ بھٹو زرداری اور محترمہ بختاور بھٹو زرداری کا ابوظہبی میں جنرل ویمنز یونین کا دورہ
20th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مہاجر سیاست کے تاجر — نسل پرستی کا نیا بیانیہ اور سندھ دھرتی کے خلاف پرانا کھیل
20th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو قتل، PST ۽ JEST نوجوانن تي ظلم جو داستان!
20th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وفا جو پيڪر مخدوم امين فهيم..!!
20th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اکين جي نور کان محروم نوجوان جو پٽ سميت احتجاج
20th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
کهڙا ۾ اڄڻ ڪليري تڪرار تان نوجوان قتل، نينگر زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ
0 تبصرے