ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ اجلاس

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ فيڊرل ايپيڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جي هدايتن تي جوڙيل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ضلع جي انتظامي صورتحال، امن و امان، سماجي ڀلائي جي حوالي سان کنيل قدمن ۽ مختلف انتظامي شعبن ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي جاري حڪمت عملين تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي اجلاس دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ايپيڪس ڪميٽين جي هدايتن مطابق ضلع ۾ بهتر گورننس، بين الادارا هم آهنگي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۾ واڌارو ۽ عوامي سهولتن جي فراهمي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ هر اداري کي پنهنجو ڪردار ذميواري سان نڀائڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته ضلعي سطح تي گڏيل حڪمت عملي کان سواءِ ٽارگيٽ ڪيل نتيجا حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي، ان موقعي تي مختلف کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي شعبن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو اجلاس کي ٻڌايو ته اسان ڪاروائي ڪري ڪل 17 غير قانوني پيٽرول پمپ سيل ڪيا آهن، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو چيو ته تعلقي سامارو جا ڪل 7 غير قانوني پيٽرول پمپ سيل ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان اجلاس کي ٻڌايو ته تعلقي ڪنري ۾ ڪل ٽي غير قانوني پيٽرول پمپ سيل ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي ايڪسين حيسڪو چيو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ ھن وقت ڪنري شھر ۾ لوڊشيڊنگ فري ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي ايڪسائيز انسپيڪٽر شھمير خان سمون چيو ته گذريل پندرهن ڏينهن ۾ ھڪ ڪيس داخل ڪيو آھي، جنھن ۾ 10 ليٽر ديسي شراب وڪرو ڪندڙ ماڻھو گرفتار ڪيو آھي، ان موقعي تي صحت، تعليم، امن امان، ميونسپل خدمتن، روينيو، روڊز، ايگريڪلچر ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ موجود مسئلن، چئلينجن ۽ مستقبل جي لائحه عمل بابت تفصيلي بحث ڪيو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري واضح هدايت ڪئي ته شهر ۽ ٻهراڙين ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي نگراني سختي سان ڪئي وڃي، جڏهن⁠ تہ عوامي شڪايتن جي حل لاءِ فوري ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال، حساس هنڌن جي نگراني، ٽرئفڪ مينيجمينٽ ۽ قانون جي عملداري بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي ھن اسپورٽس کاتي ۽ لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته صحت مند سرگرميون ڪرايون ويون ۽ مختلف ٽورنامينٽ ڪرايا وڃن، آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري پاران سمورن کاتن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ مقرر ڪيل هدفن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ڪميٽي جي سفارشات تي مڪمل سنجيدگي سان عمل ڪيو وڃي، ان موقعي تي اجلاس ۾ ڪيپٽن وقاص پاڪستان آرمي ڇور ڪينٽ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊي ايس پي سٽي عمرڪوٽ تصور جٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، اي ٽي او ايڪسائيز پوليس سرفراز جلباڻي، ايڪسين حيسڪو علي رضا ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت کاتو اياز ڪاڇيلو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اين ايڇ اي عمرڪوٽ خالد ميمڻ، چيف ميونسپل آفيسر ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، ڊپٽي ڊائريڪٽر منارٽي افيئرس کاتو عمرڪوٽ، اطلاعات کاتو، مختلف حساس ادارن جي عملدارن، سي ٽي ڊي، آئي ايس آئي، آئي بي، ايم آئي، اسپيشل برانچ، لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.