ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ گهر ڀرسان قتل ٿيل نوجوان واري واقعي ۾ سندس زال سميت 2ڄڻا گرفتار

امينا جي چوڻ تي سندس عاشق علي اڪبر پنهنجي ساٿي غلام حسين سان گڏجي يامين کي قتل ڪيو: پوليس ذريعا

ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ گهر ڀرسان قتل ٿيل نوجوان واري واقعي ۾ سندس زال سميت 2ڄڻا گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاه لطيف ٽائون پوليس گھر جي ويجهو ٿيل قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ڪندي مڙس جي قتل ۾ ملوث زال ۽ سندس مبينا عاشق سميت ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب هي گرفتاري جاچ دوران اهم ثبوت ملڻ کان پوءِ عمل ۾ آئي آهي پوليس ڄاڻايو ته گرفتار عورت آمِينه پنهنجي مبينا عاشق علي اڪبر کي مڙس يامين کي قتل ڪرڻ جو چيو، جنهن بعد علي اڪبر پنهنجي ساٿي غلام حسين سان گڏجي اڳواٽ منصوبابندي تحت يامين کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا هئا تحقيقاتي ذريعن مطابق مقتول يامين ۽ آمِينه جي شادي اٺ سال اڳ ٿي هئي ۽ ٻنهي کي هڪ ٻار به آهي۔ پوليس موجب ملزمه مقتول جي ويجهي مائٽ به هئي، جنهن سبب گهريلو تڪرار وڌندا رهيا ۽ بالآخر اهو معاملو وحشيانه قتل تائين پهتو پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري آلي قتل برآمد ڪيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ امڪان آهي ته وڌيڪ اهم حقيقتون به سامهون اينديون۔