گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب واقعو پيش آيو، دڪان مالڪ عالم بگٽي دڪان بند ڪري ڇڏيو: شهري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ۾ ڪٻاڙ جي دڪان تي مزدوري ڪندڙ پورهيت گل محمد ولد واحد بخش شيخ ڪم دوران فوت ٿي ويو، ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گل محمد گرينڊر ذريعي لوهه ڪٽي رهيو هو ته گرينڊر جي ڊسڪ ڀڄي پئي جنهن سبب هو فوت ٿيو آهي، جڏهن ته آس پاس جي ماڻهن جو چوڻ هو ته هي حادثو گيس سلنڊر ڦاٽڻ سبب پيش آيو آهي اوچتو وڏو ڌماڪو ٿيڻ سان ماڻهن جو ميڙ واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويو ۽ دڪان مالڪ عالم بگٽي دڪان بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسٽيل ٽائون پوليس پڻ واقعي جون شاهديون گڏ ڪرڻ ۽ واقعي واري جاءِ ڏسڻ بغير ئي فوتي پورهيت جو مڙهه کڻائي وئي، علائقي ۾ چوٻول آهي ته ڪٻاڙ جو غير قانوني ڪاروبار پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ آهي جنهن سبب پوليس ڪٻاڙي کي بچائڻ لاءِ ان معاملي جي چڱي ريت جاچ نه ڪري فوتي پورهيت جو خون لوڙهي ڪٻاڙ دڪان مالڪ کي ڪيس جي جاچ ۾ شامل ئي نه ڪندي
0 تبصرے