English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد
views
|
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ ويجلينس ڪميٽي جي اجلاس ۾ عمرڪوٽ ۽ سامارو جا جا اسسٽنٽ ڪمشنر به شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ بٺن (Bricks Kilns) جي حوالي سان جوڙيل ڊسٽرڪٽ ويجلينس ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ڪيو ويو، جلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي عمرڪوٽ وڪرم ڪمار، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڪميٽي جي ميمبرن ڊسٽرڪٽ بار جي صدر شريف ڀيل، ممتاز آريسر، ليبر آفيسر عمرڪوٽ گلزار احمد، سماجي تنظيم اسپارڪ جي سورج ڪمار، سيد زاور شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، اجلاس جي شروعات ۾ ليبر ڊپارٽمينٽ پاران ضلعي عمرڪوٽ ۾ بٺن جي نگراني، مزدورن جي حالتن، ۽ بانڊيڊ ليبر جي روڪٿام بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ليبر آفيسر ٻڌايو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪل 73 بٺا رجسٽرڊ ڪيا ويا آھن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ خطاب ڪندي چيو ته بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جا انساني ۽ محنتي حق محفوظ رکڻ ضلعي انتظاميه جي ذميواري آهي، هن چيو ته ڪنهن به بٺي تي ٻارن جي مزدوري، جبري ڪم، يا انساني اسمگلنگ جي صورت ۾ ذميوار مالڪ خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هر بٺي تي مزدورن جي پوري رجسٽريشن، اجرت جي ادائيگي جو رڪارڊ، ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي لازمي آهي، هن هدايت ڪئي ته بٺن جي باقاعده چڪاس لاءِ سب ڊويزن سطح تي ٽيمون جوڙيون وڃن، جيڪي هر مهيني رپورٽ پيش ڪنديون، اجلاس ۾ ماحولياتي تحفظ بابت اي پي اي جي نمائندي ٻڌايو ته عمرڪوٽ جي ڪل 68 بٺن مان نڪرندڙ دونھون ماحول ۽ انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهي، تنهن ڪري زگ زيگ ٽيڪنالاجي (Zig-Zag Technology) تي منتقل ٿيڻ لازمي بڻايو وڃي، جيئن آلودگي گهٽجي سگهي، اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته بٺن جي مالڪن سان گڏجاڻيون ڪري آگاهي مهم (Awareness Campaign) هلائي وڃي، جنهن ذريعي انهن کي قانوني گهرجن ۽ مزدورن جي حقن بابت آگاهه ڪيو وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ اجلاس جي آخر ۾ چيو ته ضلعي ويجلينس ڪميٽي جو مقصد بٺن تي انساني استحصال جي خاتمي، ماحولياتي تحفظ ۽ مزدورن جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻڻ آهي، هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته بٺن جي نگراني لاءِ مستقل انسپيڪشن سسٽم تي عمل ڪيو وڃي ۽ قانون تي عملدرآمد ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اجلاس ۾ ضلعي جي سڀني بٺن جو تفصيلي ڊيٽا، رجسٽريشن رپورٽ ۽ انساني حقن جي حالت بابت جائزو رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ ڪٿي به ڪو بانڍيڊ ليبر جو ڪيس نظر اچي تہ فوري طور رپورٽ ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Nov 2025
•
سندھ
دادو میں پولیس آپریشن "المیزان" کا دوسرا مرحلہ — کچے اور پکے علاقوں میں کارروائیاں، اسلحہ و منشیات برآمد، متعدد گرفتار
13th Nov 2025
•
تازہ ترین
سینئر قانون دان مخدوم علی خان لاء اینڈ جسٹس کمیشن کی رکنیت سے مستعفی
13th Nov 2025
•
دنیا
مشہور میلون بلیو ہیرا 25.6 ملین ڈالر میں نیلام، شاہانہ تاریخ کا نایاب خزانہ
13th Nov 2025
•
سندھ
"بی جے پی کی قیادت والے بھارت کا انتہا پسندی پر مبنی بیانیہ اسرائیل کے پرتشدد بیانیہ کے مترادف ہے جو عالمی سطح پر مسلمانوں کی بڑھتی ہوئی تعداد سے خوفزدہ ہے"، جی آر بلوچ
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ٽاون ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازم محمد عثمان ڪنڀر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گهگهر ۾ ڪٻاڙ جي دڪان تي ڪم ڪندڙ پورهيت گئس سلينڊر سبب فوت
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شرافي ڳوٺ ۾ ڌاڙو، مزاحمت تي فائرنگ ۾ شهري مارجي ويو
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي روزي گوندر ڳوٺ جو پرائمري اسڪول استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري بند پيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
ڊسٽرڪٽ ويجلينس ڪميٽي جي اجلاس
0 تبصرے