English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
383 views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
انساني اسمگلنگ ۽ جبري مزدوري جي خاتمي لاءِ ضلعي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن: نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ ۽ بانڊيڊ ليبر ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس ھال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، انسپيڪٽر ايف آئي اي ميرپورخاص، ليبر آفيسر گلزار احمد، سوشل ويلفيئر، عورتن جي ترقي، تعليم، ۽ صحت جي کاتن جا نمائندا، سماجي تنظيمون ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس جي شروعات ۾ ضلعي ۾ انساني اسمگلنگ (Human Trafficking) ۽ جبري مزدوري (Bonded Labour) جي روڪٿام لاءِ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته حڪومت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسين تحت انساني اسمگلنگ ۽ جبري مزدوري جي خاتمي لاءِ ضلعي سطح تي مؤثر قدم کنيا پيا وڃن، هن زور ڏنو ته مزدورن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضلعي ۾ گڏيل حڪمت عملي تحت عملي ڪارروائي ڪئي وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته جيڪي به ماڻهو يا ادارا انساني اسمگلنگ، جبري مزدوري يا ٻارن جي غيرقانوني مزدوري ۾ ملوث آهن، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ھن ليبر انسپيڪٽر کي هدايت ڪئي ته هو فيلڊ ۾ باقاعده دورا ڪن ۽ زرعي، صنعتي ۽ تعميراتي هنڌن تي مزدورن جي حالتن جو جائزو وٺن ۽ جتي به بانڊيڊ ليبر جي خلاف ورزي ٿئي ته انھن جي خلاف نوٽيس جاري ڪيا وڃن، اجلاس ۾ پوليس کاتي پاران ٻڌايو ويو ته ضلعي ۾ انساني اسمگلنگ ۽ جبري مزدوري جي ڪيسن جي روڪٿام لاءِ خاص ٽيمون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪن ٿيون، ان موقعي تي سوشل ويلفيئر کاتي ۽ عورتن جي ترقي جي نمائندن چيو ته آزاد ڪيل مزدورن، عورتن ۽ ٻارن جي بحالي لاءِ سماجي مدد، تربيت ۽ روزگار جا پروگرام تيار ڪيا پيا وڃن، اجلاس دوران تجويز پيش ڪئي وئي ته عام ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ آگاهي مهم (Awareness Campaign) هلائي وڃي، جنهن ۾ اسڪولن، ڳوٺن ۽ مزدوري هنڌن تي سيشنز، پوسٽر، ۽ ميڊيا ذريعي پيغام پهچايا وڃن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي ۾ انساني اسمگلنگ ۽ جبري مزدوري جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻن ۽ هر مهيني رپورٽ پيش ڪن، اجلاس جي آخر ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ضلعي سطح جي مانيٽرنگ ٽيم جوڙي ويندي، جيڪا باقاعده دورا ڪندي ۽ ڪنهن به خلاف ورزي تي فوري رپورٽ تيار ڪندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان ل
0 تبصرے