عمرڪوٽ ويجهو پنجين درجي جي شاگرد تي استاد جو مبينا تشدد، سندس آڱر ڀڄي پئي

پرائمري اسڪول کلڙائي ڀنڀرا جي استاد شاگرد سنتوش ڪمار ڀيل تي وحشياڻو تشدد ڪيو: وارث

عمرڪوٽ ويجهو پنجين درجي جي شاگرد تي استاد جو مبينا تشدد، سندس آڱر ڀڄي پئي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول کلڙائي ڀنڀرا ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي پنجين ڪلاس جي 10 سالن جي معصوم شاگرد سنتوش ڪمار ڀيل تي استاد دادو پاران بي رحماڻو تشدد ڪيو ويو، جنهن سبب نينگر سخت زخمي ٿي پيو، شاگرد جي والد جيرام ڀيل موجب استاد بنا ڪنهن سبب جي پٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو، لٺون هڻڻ سبب سنتوش جي آڱر به ٽٽي پئي آهي، جڏهن ته سندس جسم تي مار ڪٽ جا نمايان نشان موجود آهن، شاگرد جي والد جو چوڻ ھو ته جڏهن واقعي جو سبب پڇيو ويو ته استاد نه صرف بي عزتيءَ سان ڳالهه ڪئي پر گارگند پڻ ڪئي، جنهن بعد ٻار ڊپ ۽ خوف ۾ اچي ويو آهي، ۽ سندس ذهني حالت به متاثر ٿي وئي آهي، ڳوٺاڻن ۽ والدين پاران اسڪول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري استاد خلاف ڪاروائي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، شاگرد جي والد جيرام ڀيل چيو ته اسان جو ٻار سکڻ لاءِ اسڪول ويندو آهي، مار کائڻ لاءِ نه، استاد خلاف سخت قدم کنيا وڃن ته جيئن ٻيهر اهڙو واقعو نه ٿئي، مقامي ماڻهن پڻ انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته استاد دادو کي معطل ڪري، واقعي جي جانچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي، ته جيئن معصوم شاگرد کي انصاف ملي سگهي.