English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ 27هين ترميم خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽ قومي ڌرين پاران احتجاجي ريلي
202 views
|
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ۽ صوبي کي يونٽن ۾ ورهائڻ جي منصوبي خلاف الله واري چونڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
نوشهروفيروز (ڊ.ر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽ قومي ڌرين پاران ملڪ ۾ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم ۽ سنڌ صوبي کي يونٽن ۾ ورهائڻ جي منصوبي خلاف الله واري چونڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي ۽ قومي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ريلي جي اڳواڻي جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ مجيب ماڇي، ڊويزنل صدر ڄام اسلم ڪوريجو، رضا محمد بهڻ، جسقم (ٻ) جي امتياز کوسو، اياز راڄپر، عرفان ڏاهري، سرمد آزاد، شيراز حسين، مهر علي وسطڙو، خادم سيال ۽ ٻين ڪئي. ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪمران ملڪ ۽ قومن خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، ۽ 27هين ترميم ذريعي سنڌ کي يونٽن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش مڪمل طور تي ناقابلِ قبول آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ وسيلا ڪنهن صورت ٽوڙڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته حڪمران زرداري مافيا جي چوڻ تي اهڙا فيصلا ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي عوام لاءِ خطرناڪ آهن. پنھل ساريو چيو ته حڪمران پنھنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ آئين سان کيڏائي رهيا آهن، جيڪي ڪالهه سينيٽ ۾ دفن ڪيا ويا، سي هاڻي قومي اسيمبلي ۾ دفن ٿيڻ وارا آهن.اسلم ڪوريجو، مجيب ماڇي، عرفان ڏاهري، رضا بهڻ ۽ ٻين چيو ته 17 سال وسيلن جي لوٽ مار کان پوءِ به حڪمرانن جا پيٽ ناهن ڀريا، هاڻي وري سنڌ جي ورهاست جو خواب ڏسي رهيا آهن، جيڪو ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. اڳواڻن واضح ڪيو ته جيڪڏهن 27هين ترميم واپس نه ورتي وئي ته سنڌ جا ماڻهو رستن تي نڪرندا، روڊن، ريلوي ٽريڪن ۽ پنجاب ڏانهن ويندڙ اهم رستن کي بند ڪري احتجاج جو دائرو وڌائيندا.هنن چيو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ۽ ڪوبه سنڌ دشمن فيصلو قبول نه ڪيو ويندو. ريلي پريس ڪلب اڳيان اختتام پذير ٿي، جتي قومي نعرا هڻيا ويا ۽ سنڌ جي وحدت لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عهد ورجايو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
ط مرمت ۽ بحاليءَ جو ڪم مڪمل
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ سان ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات، ٽورنامينٽ جي يادگاري شيلڊ پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽ قومي ڌرين پاران ملڪ
0 تبصرے