English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ڊي سي منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ بابت اجلاس
views
|
12th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٻوڏ واري صورتحال کي مُنھن ڏيڻ خاص طور تي ڪچي وارن علائقن مان ماڻھن کي محفوظ ھنڌ منتقل ڪرڻ بابت غور ويچار
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال دوران ريسڪيو ۽ رليف بابت اھم اجلاس دربار ھال مڪلي ۾ منعقد ٿيو، جنھن ۾ پاڪ فوج جي ڪمانڊنگ آفيسر ليفٽينينٽ ڪرنل امير، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي کان علاوہ آبپاشي، روينيو، صحت، تعليم، لائيو اسٽاڪ، پبلڪ ھيلٿ، ريسڪيو 1122، ڊرينيج، لوڪل گورنمينٽ، اطلاعات ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي ضلعي عملدارن سميت مخلتف اين جي اوز جي نمائدن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي مُنھن ڏيڻ خاص طور تي ڪچي وارن علائقن جي امڪاني متاثر ٿيندڙ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪري کين گهربل بنيادي سھولتن جي فراھمي ۽ تازين برساتن بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي ضلع جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال، صفائي سٿرائي، حفاظتي بندن جي نگراني ۽ ڪيل انتظامن بابت جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کان تازين برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان کنيل قدمن ۽ انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هر کاتي کي پنهنجي ذميوارين موجب الڳ الڳ پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، جڏهن ته ٻوڏ جي صورت ۾ عوام جي بروقت مدد ۽ رليف آپريشن لاءِ گڏيل رابطي جو مضبوط نظام قائم رکڻ انتھائي ضروري آهي. اجلاس ۾ ضلعي جي مختلف علاقئن مان برساتي پاڻي جي نيڪال، حفاظتي بندن ۽ درياهه جي وهڪرن تي ويجهي نظر رکڻ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي هر وقت الرٽ رهڻ تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو پنھنجي پنھنجي ھيڊڪوارٽرن ۾ موجود ۽ ھر وقت الرٽ رھندي پاڻ ۾ ويجهي رابطي ۾ رھن تہ جيئن ڪنھن بہ امڪاني ھنگامي صورتحال کي بروقت مُنھن ڏئي سگهجي. ھُن چيو تہ درياءِ جي پاڻي ۾ واڌ سبب ڪچي وارا علائقہ متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي، حڪومت پاران 10 لک ڪيوسڪ پاڻي جي امڪاني وھڪري کي منھن ڏيڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون آھن پر ايترو پاڻي اچڻ جو امڪان ناھي. ھُن چيو تہ ڪچي جي امڪاني متاثر ٿيندڙ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽيشن ۽ رليف ڪيمپن جي نشاندھي سميت ٻين گهربل بنيادي سھولتن جي فراھمي بابت پلان تشڪيل ڏنو ويو آھي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ايس ايس پي چيو تہ امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان سيڪيورٽي سميت ٻين گربل انتظامن بابت ڪانٽيجنسي پلان تيار ڪيو ويو آھي، ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميہ، پاڪ فوج، آبپاشي توڙي ٻين لاڳاپيل کاتن سان رابطي ۾ آھيون. ھُن چيو تہ مخلتف ھنڌن تي پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي مقرري سميت سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن تہ جيئن عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگھجي. ان کان اڳ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي آبپاشي کاتي جي عملدارن ٻڌايو تہ بندن جي مضبوطي وارو ڪم جاري آھي ۽ چوويھ ڪلاڪ نگراني ڪئي پئي وڃي، بندون مضبوط آھن جڏھن تہ ڳري مشينري ۽ گهربل مٽيريل جو موجودگي سميت سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن. صحت کاتي جي عملدارن ٻڌايو تہ برساتن ۽ ڪچي وارن علائقن جي متاثرين کي ڪيٽي بندر سميت مختلف ھنڌن تي رليف ڪيمپون قائم ڪري صحت جون سھولتون ۽ مفت دوائون جي فراھمي جاري آھي. ريسڪيو 1122 عملدارن ٻڌايو تہ درياءِ جي آس پاس وارن علائقن سميت برسات متاثر علائقن ۾ موبائل ٽيمن ذريعي عوام کي صحت جون سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن جڏھن تہ امڪاني ھنگامي صورتحال کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو 1122 جون ايمبوليسون ۽ اسٽاف اسٽينڊ باءِ پڻ رکيو ويو آھي. اجلاس کي لائيواسٽاڪ جي عملدارن آگاھي ڏيندي ٻڌايو تہ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ جانورن کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ ويڪسينيشن ۽ ضروري دوائون جي فراھمي جاري آھي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو
0 تبصرے