منور عباس سومرو شيخ فريد چوڪ، چانگ محلا، اسلام پور محلا، قاضي محلا ۽ آبپاشي محلا جو دورو ڪيو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)تيز برساتن کان پوءِ مختلف علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو شيخ فريد چوڪ، چانگ محلا، اسلام پور محلا، قاضي محلا ۽ آبپاشي محلا جو هنگامي دورو ڪري ڊسپوزل اسٽيشنن، نالن ۽ پاڻي جي نيڪال واري نظام جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ سمورا وسيلا ڪتب ۾ آندا وڃن ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن واضح حڪم جاري ڪيا ته نيڪال جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ فيلڊ ۾ عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته عوام کي گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ادا محمد ميمڻ ۽ ٻيا عملدارن پڻ ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ موجود هئا.
0 تبصرے