English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ۾ ڪوئلي جي بجلي گهرن خلاف فشر فوڪ فورم جو احتجاج
204 views
|
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
هي احتجاج “ايشيائي احتجاج 2025” جو حصو هو، جنهن تحت ايشيا جي 7 ملڪن جي 70 شهرن ۾ گڏيل احتجاج منظم ڪيا ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران پنهنجي ماحولياتي ورڪرن سان گڏجي اڄ ابراهيم حيدري ۾ ڪوئلي جي بجلي گهرن خلاف احتجاج ڪيو ويو. هي احتجاج “ايشيائي احتجاج 2025” جو حصو هو، جنهن تحت ايشيا جي 7 ملڪن جي 70 شهرن ۾ گڏيل احتجاج منظم ڪيا ويا. احتجاجي مارچ مئن فشري بندر کان مل جيٽي تائين ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪوئلي جي پاور پلانٽن کي فوري طور ختم ڪرڻ ۽ توانائي جي منصفانه منتقلي جو مطالبو ڪيو ويو.هن موقعي تي فشر فوڪ فورم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ، انفارميشن سيڪريٽري ايوب شان خاصخيلي، ضلعي صدر مجيد موٽاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري طالب ڪڇي خطاب ڪندي چيو ته ڪوئلو ملڪ جي ماهيگيرن، مزدورن ۽ هارين جي روزگار ۽ زندگين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مقامي ۽ درآمدي ڪوئلي جي استعمال سان هوا ۽ پاڻي مڪمل طور آلودگي جو شڪار ٿي رهيا آهن. ٿر ڪوئلي جا منصوبه مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ زمينن کي وڏو نقصان پهچائي رهيا آهن، جڏهنتہ ساھيھوال پاور پلانٽ زراعت جي تباهي جو به سبب بڻيو آهي.رهنمائن جو چوڻ هو ته ڪوئلي تي ڀاڙڻ بدران ملڪ ۾ حقيقي ۽ قابلِ تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي فائدو ملي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري ۾
ملير
0 تبصرے