مورو ۾ تيز برسات سبب شهر جا روڊ رستا ۽ گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويون

اسسٽنٽ ڪمشنر محمد مستقيم قريشي ۽ چيف ميونسپل آفيسر نور محمد سمون پاران جو شهر جو دورو

مورو ۾ تيز برسات سبب شهر جا روڊ رستا ۽ گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويون

مورو (جاني جماڻي) مورو ۾ رات دير سان پيل تيز برسات سبب شھر جون گهٽيون ۽ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا، جتي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ميونسپل انتظاميا متحرڪ ٿي وئي آهي. برسات کان پوءِ مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته انتظاميا طرفان فوري طور ايمرجنسي بنيادن تي پاڻي ڪڍڻ جو عمل شروع ڪيو ويو.اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي، چيف ميونسپل آفيسر نور محمد سمون ۽ سينٽري انسپيڪٽر مڪيش ڪمار پاڻ ميدان ۾ لهي ميونسپل عملي سان گڏجي مختلف رستن ۽ رهائشي علائقن تان پاڻي نيڪال ڪرائڻ جا قدم کنيا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد مستقيم قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تيز برسات قدرتي آفت آهي، پر انتظاميا ۽ ميونسپل عملي طرفان فوري ڪارروائي ڪري برساتي پاڻي ڪڍرائڻ جو ڪم جاري آهي هن وڌيڪ چيو ته شھر ۾ ڪافي حد تائين پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي ۽ باقي رهيل علائقن مان به پاڻي جلدي ڪڍرائي عوام کي آساني مهيا ڪئي ويندي. هن واعدو ڪيو ته ڪنهن به علائقي کي نظرانداز نه ڪيو ويندو ۽ ميونسپل عملو رات ڏينهن شهرين جي سهولت لاءِ ڪم ڪندو رهندو شهرين انتظاميا جي ڪارروائين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وقتائتو قدم کڻڻ سان وڏو نقصان ٿيڻ کان بچي ويو آهي، پر ساڳئي وقت هنن مستقل بنيادن تي نيڪاسيءَ جي بهتر نظام جو مطالبو پڻ ورجايو، جيئن هر سال برساتن ۾ ساڳي صورتحال کي منهن نه ڏيڻو پوي.