اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي مفت دوائون ڏنيون وڃن ۽ عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي: شڪيل احمد ابڙو
شڪارپور(احسان ابڙو)ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، شڪيل احمد ابڙو پاران تعلقي لکي غلام شاھ جي مختلف اسپتالن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪيو ويو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر لکي غلام شاھ، راجيش ڪمار ۽ ڊسٽرڪٽ پوليو آفيسر ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو ۽ پوليو ٽيمون پڻ موجود هيون.ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، شڪيل احمد ابڙو دوري دوران اتان اسپتال انتظاميا کي حڪم ڪندي چيو ته اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي مفت دوائون ڏنيون وڃن ۽ اسپتال جي سموري عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪبي ۽ صفائي سٿرائي جي نظام کي پڻ بھتر بڻايو وڃي اتان جي ٻارڙن کي پنهنجي هٿن سان ويڪسين جا ڦڙا پياريا ۽ هٿ جي آڱرين تي نشان پڻ لڳايا ۽ اتي 12 خطرناڪ بيمارين جي بچاءُ جي ويڪسين پيتل ٻارڙن جي هٿن جا نشان پڻ چيڪ ڪيا. اُتي جي پوليو مانيٽرنگ ٽيم انچارجن کي هدايت ڪندي چيو ته هتان جي آس پاس ڪوبه ٻار ويڪسين کان نه رهجي
0 تبصرے