English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪالاباغ ڊيم بابت علي امين گنڊاپور جو بيان سنڌي، بلوچ ۽ پشتون عوام سان دشمني آھي. ڊيم ھرگز ٺھڻ نہ ڏينداسين: اياز لطيف پليجو
views
|
03rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
امڪاني ٻوڏ واري صورتحال سبب سڄي سنڌ جا بند ڪيل ڪئنال، ڦليلي، پنڃاري سميت واھن ۽ شاخن کي جلد کوليو وڃي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ٻوڏ ۽ برسات جو جواز ڄاڻائي سڄي سنڌ جا بند ڪيل ڪئنال، ڦليلي، پنڃاري سميت واھن ۽ شاخن کي جلد کوليون وڃن. درياھ ۾ وڏي چاڙھ باوجود سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ پاڻي کوٽ آھي. فصل سڪي رھيا آھن. آبدگار ۽ ھاري پريشان آھن. پاڻي کوٽ جي متاثر آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪالاباغ ڊيم بابت علي امين گنڊاپور جو بيان سنڌي، بلوچ ۽ پشتون عوام سان دشمني آھي. ڊيم ھرگز ٺھڻ نہ ڏينداسين.ڪالا باغ ڊيم ۽ ڪئنال منصوبا ممڪن ناھن. سنڌي قوم درياھ دشمن منصوبن کي جتي جي نوڪ تي رکي ٿي. پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي قتل ۽ بنجر بنائڻ واري سازش کي سنڌ جو ست ڪروڙ عوام ڪنهن بہ صورت برداشت نہ ڪندو. پاڻي لاء جدوجھد سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي جدوجهد آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران طبقي ۽ ڪامورن لاءِ بيشمار مراعتون آھن. بجلي، گئس، صحت جي سھولتن سميت ھوائي سفر ۽ ٻيون سھولتون مفت آھن پر ملڪ جي ھاري، پورھيت، مزدور، محنت ڪش ماڻھو لاءِ 2 وقت جي ماني حاصل ڪرڻ بہ مشڪل آھي. تعليم، صحت سميت بنيادي حقن جو سھولتون ناھن. عوام جي خوشحالي بدران بدحالي حڪمرانن جي ايجنڊا بنجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اقتدار خاطر پيپلزپارٽي ۽ آصف علي زرداري پنجاب سان گڏجي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻائي، ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھي سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاھين ٿا. اياز لطيف پليج چيو تہ پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. ھارين، مزدورن طبقي کي سمجھڻو پوندو تہ موجوده سنڌ حڪومت وٽ انھن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران تباھي جو منصوبو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان سنڌ جو مستقبل آھن، اھي ميرٽ ذريعي مقابلو ڪن. دنيا جي ملڪن ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪن. روزگار ڪن. سنڌ جي حڪمرانن وٽ نوجوانن کي ڏيڻ لاءِ دوکا آھن. رڳو ڪوڙا دلاسا. لسٽون ٺاھڻ جا دوکا ڏئي نوجوانن کي بنگلن جا چڪر ھڻايا وڃن ٿا. پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جو اڏو بڻجي وئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
ڪالاباغ ڊيم بابت
علي امين گنڊاپور جو
0 تبصرے