گڏاپ ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، معصوم ٻارڙا معجزاڻي طور محفوظ

پرائمري اسڪول غلام محمد جوکيو جي زبون حال عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪِري پيا

گڏاپ ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، معصوم ٻارڙا معجزاڻي طور محفوظ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ جي علائقي بنديچا اسٽاپ تي قائم غلام محمد جوکيو پرائمري اسڪول جي زبون حال عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، پر خوش قسمتي سان شاگرد ۽ استاد معجزاڻي طور محفوظ رهيا. واقعي کان پوءِ اسڪول ۾ خوف ۽ رڙٻون پئجي ويون ۽ شاگرد ڀڄي نڪري آيا موقع تي موجود استادن جو چوڻ هو ته اسڪول جي عمارت سالن کان زبون حال آهي، جنهن بابت ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل کاتن ۽ حڪومتي آفيسرن کي لکت ۾ آگاهي ڏني وئي آهي، پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. هنن چيو ته ڇت جا چاپڙ ڪرڻ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خطري واري ٿي وئي آهي ۽ ڪنهن به وقت وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو استادن موجب، ڇت ڪري پوڻ کان پوءِ سندن مجبوري آهي ته شاگردن کي کليل آسمان هيٺ پڙهائڻو پوي ٿو، جنهن سبب نه صرف تعليم متاثر ٿي رهي آهي پر ٻارڙن جي زندگيون به خطري ۾ پئجي ويون آهن استادن ۽ والدين مطالبو ڪيو آهي ته تعليم کاتي ۽ ضلعي انتظاميا فوري طور تي نوٽيس وٺي، اسڪول جي عمارت جي نئين سر مرمت ۽ تعمير ڪرائي، جيئن معصوم ٻارن جي زندگين کي خطري کان بچائي سگهجي علائقي واسين چيو آهي ته جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، جنهن جي سڌي ذميواري لاڳاپيل کاتي تي ٿيندي