English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم ملير پاران امن امان جي خراب صورتحال خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
02nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ريلي جي اڳواڻي مختيار سومرو، مرتضيٰ جوڻيجو، حفيظ سنڌي، صابر حمايتي، اسامه ڪيهر ۽ ٻين ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي مليرسميت سڄي سنڌ ۾ وڌندڙ ڏوهن، لٽ مار ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي سڏ تي رزاق آباد جي مک چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ريلي جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ مختيار سومرو، مرتضيٰ جوڻيجو، حفيظ سنڌي، صابر حمايتي، اسامه ڪيهر، سعيد مري ۽ ايوب پهنور ڪري رهيا هئا ريلي ۾ جسقم ڪارڪنن سان گڏ وڏي تعداد ۾ شهرين به شرڪت ڪئي احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي ڪشمور م مٺل سبزوئي جا قال گرفتار ڪريو سنڌ م امن بحال ڪيو، ڏوهارين کي گرفتار ڪريو، شهرين کي تحفظ ڏيو جا نعرا لکيل هئا مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ ڪندي ملير کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ امن امان جي بحالي جو مطالبو ڪندا رهيا.ان موقعي تي جسقم اڳواڻ مختيار سومرو ۽ ٻين ڪارڪنن خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ملير سميت سڄي سنڌ ۾ ڌاڙا، اغوا، لٽ مار ۽ منشيات جي وڌندڙ ڪاروبار سبب ماڻهو سخت پريشان آهن، جڏهن ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن. روز بروز ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر ڏوهارين خلاف ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڏوهارين کي فوري گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي.مظاهري ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمور ۾ جسقم جي صدر ويلڏنو سبزوئي جي ڀاءُ مٺل سبزوئي کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪندڙ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي. ساڳي وقت ملير جي عارب پهنور ڳوٺ ۾ ايوب پهنور ۽ غلام نبي پهنور کان موٽر سائيڪل، نقد رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪندڙ ڏوهارين خلاف به فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
جسقم ملير
0 تبصرے