تعلقي ۽ ضلعي سطح تي پڻ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ته جيئن هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي: شڪيل احمد ابڙو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) ٻوڏ ۽ برساتن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ اجلاس ٿي گذريو تفصيل موجب اڄ ٻوڏ ۽ برساتن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ اجلاس ٿي گذريو. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته ضلعي انتظام جو فوڪل پرسن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور ظفر عباس عباسي کي مقرر ڪيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ضلعي انتظاميه جي رائيٽ هينڊ رهيو آهي ۽ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ميڊيڪل ۽ وٽنري ڪيمپون قائم ڪرڻ لاءِ ڊي ايڇ او ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جتي به ڪيمپون لڳائن ته اهي پنهنجا بينر ضرور لڳائن ته جيئن عوام ڏکئي وقت ۾ پريشاني نه ٿئي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته تعلقي ۽ ضلعي سطح تي پڻ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ته جيئن هنگامي صورتحال دوران متاثرن جي مشڪلاتن کي مدنظر رکي سگهجي. امڪاني ٻوڏ بابت جن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن انهن کي اهو اطلاع ٿو ڪجي ته جڏهن به ڪا هنگامي صورتحال ٿوري به نظر اچي ته ان بابت اڳواٽ اطلاع ڪيو وڃي ته جيئن ان تي هڪدم ڪنٽرول ڪري سگهجي. هن چيو ته ضلعي اندر برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان سڀني انتظامن جو جائزو ورتو آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو فوڪل پرسن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور ظفر عباس عباسيءَ کي هدايتون ڏيندي چيو ته تعلقي سطح تي امڪاني ٻوڏ جي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو وڃي. اجلاس سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسيءَ ٻوڏ ۽ برساتن جي حوالي سان سڀني ڊپارٽمينٽ جي عملدارن سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ ۽ برسات واري صورتحال تي هن وقت نظر آهي ۽ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميه انتظام مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي جي طرفان مقرر ڪيل موبائل ڪيمپن ۾ جتي دل جي اي سي جي، الٽراسائونڊ سميت مختلف بيمارين جي تشخيص جي سهولت پڻ موجود آهي. جڏهن ته ڊي ايڇ شڪارپور نادر علي پنهور چيو ته اسان وٽ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين اي آر وي 869 ۽ نانگ جي ڏنگ جي ويڪسين اي ايس وي 534 ، مليريا ۽ ڊائريا جون دوائون ڪيمپن تي پڻ موجود آهن. فوڪل پرسن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور ظفر عباس عباسيءَ لائيو اسٽاڪ، سوشل ويلفيئر، اين جي اوز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي سربراهن کي چيو ته اسان سان اهي ذميوار ملازم جن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن اهي واٽس اپ جي ذريعي هر وقت رابطي ۾ رهن. اجلاس ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر علي پنهور، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ سيد حيدر علي شاهه، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر دين محمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر شفيق الدين صديقي، چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر تحسين احمد جتوئي، ڊسٽرڪٽ مئنيجر 1122 ساجد علي ٻرڙو، ايزيڪيوٽو آفيسر سوئي گيس احسن نثار صديقي، آر ايم او محمد ايوب، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر نور نبي مهر اي ايس آءِ ڊي آءِ بي سيڪشن علي حمزه شجراع، ڊي اِي او پرائمري سعدالله ڀيو ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے