English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ گل ٽائون مان ٽي ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل صنم چانڊيو جي بازيابي لاءِ احتجاج
views
|
31st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربند 3ڏينهن اڳ گهر تي حملو ڪري نياڻي صنم چانڊيو کي اغوا ڪري ويا: انور چانڊيو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي علائقي گل ٽائون مان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل صنم چانڊيو جي بازيابي لاءِ وارثن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو۔ مغوي جي والد انور چانڊيو الزام لڳايو ته هٿياربندن سندن گهر تي حملو ڪري منهنجي نياڻي صنم چانڊيو کي اغوا ڪري ويا۔ هن دعويٰ ڪئي ته هن سنگين واردات ۾ دادو جا بدنام زمانه ڏوهي عاشق چانڊيو، اصغر چانڊيو، مظهر، غلام علي، مرتضىٰ ۽ لاکو چانڊيو سميت ڪيترائي ماڻهو ملوث آهن۔ ڇوڪري جي والده شمشاد چانڊيو چيو ته اغوا ۾ ملوث سڀني ماڻهن خلاف اڳ ئي دادو ۾ اغوا ۽ قتل جا ڪيس داخل آهن، پر ان جي باوجود پوليس اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي۔ مغوي نينگري جي خالہ اميران چانڊيو الزام لڳايو ته وارثن طرفان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود پوليس اغواڪارن جي گرفتاري ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي آهي۔ وارثن جو چوڻ هو ته اسين غريب ماڻهو آهيون، بااثر جوابدارن اڳيان بي وس آهيون ۽ پنهنجي ڌيءَ جي زندگيءَ بابت سخت پريشان آهيون۔ هنن سنڌ جي وزيراعلیٰ، صوبائي وزير ضياءالحسن لنجار۽ چانڊيو قبيلي جي سردار برهان خان چانڊيو، سردار احمد کان پرزور اپيل ڪئي ته نينگري کي جلدي بازياب ڪرائي کين انصاف ڏياريو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز ۾ گل ٽائون
0 تبصرے