ملير: رزاق آباد ۾ اکين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي

ماهر ڊاڪٽرن 150 مريضن جو معائنو ڪري کين دوائون ڏنيون

ملير: رزاق آباد ۾ اکين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آبادویلفیئر ایسوسی ایشن ۽ اشرف ممتاز ویلفیئر جي تعاون سان رزاق آباد ۾ فری آکين جي کیمپ لڳائي ويئي ڪيمپ ۾ آنکين جي ماهر ڊاڪٽرن 150 مريضن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ انهن کي مفت دوائون ڏنيون ڊاڪٽرن 25 مريضن ۾ موتيي جي بيماري جي تشخيص ڪئي ۽ انهن لاءِ مفت آپريشن لکيا، جيڪي ايندڙ خميس تي ڪيا ويندا. سماجي اڳواڻن موجب آپريشن مڪمل طور تي مفت هوندا، جن ۾ فري لينس، آپريشن جون دوائون، علاج جو خرچ ۽ مريضن لاءِ کاڌي پيتي جي به سهولت ڏني ويندي.ڪيمپ ۾ رزاق آباد ویلفیئر ایسوسی ایشن جا صدر عبدالغني گبول، جنرل سيڪريٽري حاجي گبول، سينيئر نائب صدر خليل احمد گبول، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ولي محمد گبول، محمد امين گبول ۽ اشرف ممتاز ویلفیئر ایسوسی ایشن جا اڳواڻ شوکت پڻ موجود هئا. ان موقعي تي سماجي اڳواڻن چيو ته فري آئي ڪيمپ جو مقصد علائقي جي غريب ۽ وسيلن کان محروم ماڻهن کي صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب گهڻا ماڻهو علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.مقامي ماڻهن رزاق آباد ویلفیئر ایسوسی ایشن ۽ اشرف ممتاز ویلفیئر جي هن سماجي خدمت کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙا قدم صحت جي شعبي ۾ وڏي سهولت جو ذريعو بڻجن ٿا