سنڌو کي بچائڻ واري تحريڪ ۾ عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري شهيد ٿي ويا، پنهنجي حقن تان پوئتي نه هٽننداسين: سيد زين شاهه

سنڌو درياءَ سنڌين جي ملڪيت آهي، ان تي ڪڏهن بہ راتاهو هڻڻ ڪو نہ ڏينداسين

سنڌو کي بچائڻ واري تحريڪ ۾ عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري شهيد ٿي ويا، پنهنجي حقن تان پوئتي نه هٽننداسين: سيد زين شاهه

مورو (جاني جماڻي) سيد زين شاھ چيو تہ پنجاب پاران سنڌوءَ درياءَ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ خلاف هلندڙ تحريڪ دوران گچيرو ڀرسان ڳوٺ بجراڻي لغاري جا ٻہ نوجوان مورو باء پاس تي لڳل پرامن ڌرڻي تي پوليس ۽ خانگي ماڻهن جي فائرنگ ۾ شهيد ڪيا ويا، شهيدن جا ڪيس انهن جي وارثن موجب داخل نہ ڪرڻ، ڳوٺ مٿان پوليس جو ڪڙو، ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ، مورو مان خوف وارو ماحول ختم ڪرڻ ۽ ڳوٺ بجراڻي لغاري جي ڳوٺاڻن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران اڄ پرامن احتجاجي مارچ ڪيو ويو آهي، جيڪو شهيدن جي مزارن تي چادرون چاڙهي انهن جي ڳوٺ کان مورو پريس ڪلب تائين ڪڍيو ويو آهي، هن چيو تہ ڪيڏو نہ ظلم ۽ بربريت قائم آهي جو نوجوان بہ لغاري بجراڻي واسين جا فائرنگ ڪري قتل ڪيا ويا، ڪيس بہ انهن تي داخل آهن ۽ ساڳئي ڳوٺ ۽ آسپاس جا ڪيترائي نوجوان گرفتار ڪري گم ڪيا ويا آهن، جيڪا پوليس ظاھر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو تہ سنڌو درياءَ سنڌين جي ملڪيت آهي، ان تي ڪڏهن بہ راتاهو هڻڻ ڪو نہ ڏينداسين. ترميمون آڻي انصاف کي حدود ڪيو ويو آھي ۽ پيڪا ايڪٽ تحت صحافت سميت ھر ماڻھون کان آزادي جو حق کسيو ويو آھي ھنن ھميشھ ڪمپني سرڪار کان مدد حاصل ڪري اقتدار ورتو آھي پر ھاڻي اھو سلسلو بہ ختم ٿي چڪو آھي عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي ھنن جون گھڻو وقت اھڙي قسم جون چالبازيون نه ھلنديون. اسان مطالبو ڪريون ٿا تہ مورو واقعي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي جوڊيشنل ڪميشن جوڙي وڃي ته جيئن سمورن کي انصاف ملي سگھي. جڏھن تہ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن صرف پنھنجا فيصلا عوام مٿان پڙھيا آھن انھن کي عوام جي لاءِ ڪجھ به سوچ ناھي ايترا ڏينھن ھن ڳوٺ جي ماڻھن کي پريشان ڪيو ويو ڪير پنھنجو حق گھري ٿو ته ان کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو وڃي ٿو يا گم ڪيو وڃي ٿوA اھو عمل غير قانوني آھي اسان چاھيون ٿا تہ ھر ھڪ پنھنجي انصاف لاءِ آزادي ھجڻ گھرجي نه ڪي ان کان اھو حق کسيو وڃن. اياز حسين قمي خطاب ڪندي چيو تہ سلام آھي سيد زين شاھ جي جرعت ھمت کي جنھن پوري سنڌ کي اھا آٿت ڏئي ڀرجھلو ٿي چيو تہ سنڌي عوام لاوارث ناھي اڄ مورو ۾ سنڌ پنھنجي وارثن سان گڏجي حڪمرانن جو ڀئو ٽوڙي ڇڏيو آھي. ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو تہ ھي ڪامياب مارچ ھو جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن عورتن پڻ شرڪت ڪئي آھي جن جو چوڻ آھي ته جيڪي مورو جا شھيد آھن انھن سان انصاف ڪيو وڃي انھن جي جوڊيشنل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ انھن جئ ايف آء آر داخل ڪئي وڃي. ھن احتجاج جي ضرورت نه ھئي ڇو تہ حڪومت کي انصاف ڪرڻ گھرجي ھا بدقسمتي سان ھتي انصاف ناھي ۽ انصاف لاءِ روڊن تي بيھڻو پوي ٿو، گورنمينٽ فوري طور تي ايف آء آر داخل ڪري جوڊيشنل ڪميشن ٺاهي ٻي صورت ھي احتجاج جو دائرو وسيع ٿيندو ويندو. 26 ترميم کانپوءِ جيڪا جوڊيشري آھي اھا ڪنٽرول جوڊيشري آھي جنھن جي وس ۾ ناھي جو اھا انصاف ڪري سگھي جيڪڏھن ھو آزاد ھوندي تہ انصاف ملندو ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ ھر ھڪ جو قانوني حق آھي جنھن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. ان کان اڳ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، قادر بخش ڪورائي، گلزار عالماڻي، روشن علي ٻرڙو، مجيب ماڇي، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر زين ڀٽو، رياض ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن تہ ھن مارچ ۾ عورتن معصوم ٻارڙن جي ھٿن بينر پلي ڪارڊ پڻ موجود ھئا. ھن مارچ کان اول مختلف ضلعن جي پوليس ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو جي اڳواڻي ۾ پھتي ۽ مورو شھر سميت ان جي ايندڙ ويندڙ رستن چونڪن چوراھن تي اھلڪار مقرر ڪيا ويا جڏھن ته ليڊي پوليس اھلڪار پڻ موجود ھيون، مختلف ھنڌن کان آيل پوليس موبائلون ڪوچز، بڪتر بند گاڏين قيدي کڻندڙ گاڏيون پڻ موجود رھيون.جڏھن تہ مورو مارچ پر امن طريقي سان شروع ٿيو ۽ پر امن جلسي کانپوءِ اختتام تي پھتو.