English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجو سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي 41ھين ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا جي شھر ھيوسٽن پھچي ويو
189 views
|
29th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد /ھيوسٽن: قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي 41ھين ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا جي شھر ھيوسٽن پھچي ويو. سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد شيخ ۽ ٻين سندس زبردست آجيان ڪئي. اياز لطيف پليجو سانا ڪنوينشن.۾ مھمان خاص طور نئين سنڌ، شاھ لطيف ۽ قومي وسيلن بابت ٽن اھم سيشنز کي خطاب ڪندو. ٻئي طرف اياز لطيف پليجي پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين تي افسوس جو اظھار ڪندي ان جو حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ, پنجاب ۾ ٻوڏ جي ذميوار حڪومت آھي. راوي درياھ ۾ غير قانوني ھائوسنگ اسڪيمون ٺاھي لکين ماڻھن جي جان ۽ مال کي داء تي لڳايو ويو. پنجاب 3 درياھ راوي، ستلج ۽ بياس سنڌ کان پڇڻ کانسواءِ ھندستان کي وڪرو ڪري ڇڏيا. 1988 کانپوء درياھن ۾ پاڻي آيو آھي تہ درياھ اندر ويٺل ماڻھو متاثر ٿيا آھن. درياھ اندر ھائوسنگ اسڪيمون ٺاھڻ جي اجازت ڏيندڙ وزيرن، ڪامورن ۽ بلڊرز کي گرفتار ڪري انھن کان نقصان جو ازالو ڪرايو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت پنھنجن گناھن کي لڪائڻ لاءِ عوام کي گمراھ ڪري رھيا آھن تہ ڪالاباغ ڊيم ٺھيل ھجي ھا ته تباھ ڪاريون نه ٿين ھا. سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿي رھيو آھي. دنيا ۾ ڪٿي بہ ڊيم ٻوڏ کي روڪيندا ناھن، ڊيم ٻوڏ جو وڏو سبب بنجن ٿا. ھندستان ڊيم ٺاھيا، اھي جڏھن ڀرجي ويا تہ انھن کي کوليو ويو، جيڪو پاڻي پنجاب ۾ داخل ٿيو آھي. ڪالاباغ وارو علائقو راوي درياھ کان 400 ڪلوميٽر کان بہ پري آھن، اھو ممڪن ئي ناھي تہ جيڪڏھن ڪالاباغ ڊيم ٺھيل ھجي ھا تہ ھندستان جي ڊيمن جو ڇڏيل پاڻي اتي وڃي گڏ ٿئي ھا. وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت عوام سان دوکو نہ ڪري. ڊيم تباھين جو سبب آھن. سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڊيم يا ڪئنال قبول نہ ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ راوي، ستلج، بياس سنڌو درياھ جون مددي نديون آھن. سمورن درياھن، ندين ۽ پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تان قبضا ۽ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ بندن کي مضبوط ڪرڻ جي نالي تي اربين روپيا جاري ڪرڻ بدران درياھ ۾ بااثر ماڻهن جا زمينداري بند ختم ڪرائي پاڻي کي اڳيان رستو ڏياري سنڌ کي وڏي نقصان کان بچايو وڃي. سنڌ حڪومت درياھ ۾ پاڻي جي چاڙھ کي ڪمائي جو ذريعو نہ بنائي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سانا
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا
اياز لطيف پليجو س
0 تبصرے