آزاد جتوئيءَ جي 16هين ورسي، اڪيلو ڪيئي اوج ۾

حسينه جتوئي

آزاد جتوئيءَ جي 16هين ورسي، اڪيلو ڪيئي اوج ۾

عشق ڪيوسين قهر ڪيوسين
جيون پنهنجو زهر ڪيوسين
دل جي هڪڙي دلبر خاطر
دشمن سارو شهر ڪيوسين
اڄ تنهنجي قبر تي گل ۽ اگربتيون ٻاري آيس, پوئين سال تنهنجي 15هين ورسي هئي مضمون لکيو هوم ته متان هي آخري هجي پر اڃا جيئان پئي, اڄ 26 آگسٽ آھي, نڀاڳو ڏينهن جڏھن تون مونکان وڇڙي وئين, اڄ تنهنجي 16هين ورسي آهي وري پين پنو کنيو اٿم ڇا لکان, اميدن جو ماتم ڪريان يا بچي ويل آسرن سان زندگي گذاريان، ايترن سالن کانپوءِ به اميد باقي آهي ته وڇڙيل ساٿي ڪنهن موڙ تي ضرور ملندو، مان وسارڻ جا وس ڪيان ٿي پر تون پاڻ کي به ته پل، خوابن ۾ نه ايندو ڪر هاڻي مان ٿڪجي پئي آهيان، جيڪڏهن تنهنجي پيار هي زندگي وٺي ڇڏي ته پوءِ هي مشن اڌ ۾ رهجي ويندو پوءِ مومل کي ڪير سنڀالي يا نه مونکي ڪا به خبر ڪونهي. هي تنهنجي محبت به سمجهه کان بالاتر آهي ڦوهه جواني ۾ پيار ۽ محبت جي چوٽ، اُڌما، امنگ، جذبن جي ڇاڇول، چاهت جو چنگ،ٻُري ٿو ٻري، اکيون آتيون، ويڳاڻائپ، اورجي ته ڪنهن سان، سلجي به ڪيئن، ڏنگ به اهڙو ڏنگ سور جون ستيون ٿيون برداشت ڪجن، نه اوهي نه واهي سڄو وقت سوداءَ ۽ بس ڏينهن رات تنهنجي تات ان کي ماٺو ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ويندي آهيان بنا ڪنهن ڪم ڪار جي اڪيلي آفيس ۾ ويٺي هوندي آهيان يا گاڏي ۾ ويهندي خبر نه هوندي ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي اڳيان ڊرائيور پڇندو آهي ميڊم ڪيڏهان هلندئو ته ڇرڪ ڀري چوندي آهيان قبرستان، اتي پهچي پگهر اگهندي آهيان ٿڪ ۽ ساهي پٽڻ لاءِ ڪجهه دير اکيون بند ڪندي آهيان نظارو ٻيو ٿي ويندو آهي, پرين منهنجي سامهون هوندو آهي, واهه منهنجا مولا تون ئي سڀ ڪجهه ڪرڻ وارو آهين مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته جاني مون کان جدا ٿيندو، اڄ منهنجي لاءِ خزان آهي اهو گل منهنجو چمن ڪونهي پر هنجي رنگت ۽ خوشبوءَ تنهنجي ٻارن ۾ ڏسان ٿي.
آزاد, نه فقط مون لاءِ وقت کان اڳ گذاري ويو بلڪه علم ادب جي دنيا ۾ به پنهنجي وقت کان گهڻو اڳ هليو ويو، جيڪڏهن اڄ آزاد زنده هجي ها ته پنهنجي ڏات جو واس گهڻن کي ڏئي وڃي ها. هو پنهنجي علم ادب ۽ صحافت جي خدمت نه ڪري سگهيو ٿورو ئي ڪم ڪيائين پر هميشه تاريخ ۾ ياد رهندو. روزاني مومل جي مالڪياڻي مان هجان ۽ سڄو ڏينهن پنهنجي بئنڪ جي ڊيوٽي پوري ڪري مومل آفيس ۾ ويهي ٻارهين هڪ تائين ڪم پاڻ ئي ڪيائين، بهترين سوچ رکندڙ ڏتڙيل ماڻهن جي ڀلائي لاءِ هر وقت انڌ مانڌ هوندي هيس, ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون لکان هي مونسان وڙهندو ته ڪو نه هئو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙبو ضرور هئو ائين ڪاوڙ ۾ آفيس هليو ويندو هو پر مون به ساڻس ڪڏهن جهيڙو نه ڪيو.آزاد تون ڪاوڙ ڪندو هئين اهو ڏينهن قيامت کان گهٽ نه هوندو هو، مونکي ائين لڳندو هو ڄڻ سڄو جهان سڏڪا ڀري ٿو، وڻن مان ساوا پن ڇڙڻ محسوس ٿيندا هئا تون ته مونکي پرچائيندو به ڪو نه هئين مان ته مري پوندي هيس نيٺ مونکي پرچائڻو پوندو هو، جيترو پيار ڪندو هو اوتري انا به هوندي هيس ڀلا ايترو پيار ڇو ڪندو هئين سڄي رات صبح تائين منهنجي وارن ۾ هٿ ڦيريندي هئين, خبر اٿئي منهنجي وجود ۾ اها خوشبوءِ اڃان به آهي.
رات ساري چنڊ پاڪ ۾ هيو
دل جي آڳُرَ ۾ اڃا آ سوجهرو
آخري ملاقات ۾ تنهنجي هٿ منهنجي هٿ کي مضبوطي سان پڪڙيو, ڄڻ تون چوندو هجين ته سڀ توکي پاور ڏئي ٿو وڃان تون ان سان سچي رهجانءِ، پيارا آزاد خبر هجي ها ته مونکي ڇڏي ٿو وڃي ته توکي کلايان ها، تون سان ڪيتريون ڳالهيون ڪريان ها. تون ڪجهه چوڻ پئي چاهيو پر تنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ويو، مان اڪيلي هاسپيٽل ۾ چرين وانگر ٻارن کي فون پئي ڪيا، منهنجو به آواز نڙي مان نه پئي نڪتو. رب جي رضا تي راضي رهندي همت نه هاريم، مومل جي آفيس سنڀاليم، اشتهارن لاءِ آفيسن ۾ وڃڻ لڳس، شروعاتي ڏينهن ۾ ڏاڍو روئندي هيس هر آفيس ۾ آزاد جو ذڪر ڪندي هيس پنهنجي ڏکن کي اشتهار ٺاهي گلي ۾ وجهي ڇڏيو هوم، مون ڏٺو ته ڏک ته منهنجا آهن جيئن شاهه ڀٽائي چيو آهي ته:
اندر ايء اهنج سانڍج سکائون ڪري
اُهي ورهائبا ڪين نه آهن ٿي سگهي ٿو مونکان وڌيڪ ڪنهن کي ڏک هجن ماڻهو بيٺو آهي ته پهاڙ کان وڌيڪ مضبوط آهي جي ڪرندو ته ڪپهه جي پوڻي جيان هوندو آهي سو انسان پنهنجي وس ۾ بلڪل ناهي ڪا طاقت آهي جيڪا اندروني ڪائنات کي ڪا ترتيب ڏئي ٿي ۽ هلائي ٿي مان به پنهنجا ڏک اڪيلائي ۾ خدا سان شيئر ڪندي آهيان پنهنجو اندر جو درد اهو مالڪ دور ڪندو آهي. هر ماڻهو ڏکاريل آهي مونکي ته ماڻهن جا ٽهڪ به اجايا لڳندا آهن مان ته ان ڏينهن کان ويران ٿي ويس جنهن ڏينهن آزاد کي ضياء الدين هاسپيٽل وٺي ويس ۽ هو موت جي حوالي ٿي ويو.هي مضمون لکندي وقفي وقفي سان ڪچن جو ڪم به ڪري پئي آيس ، ٻارن کي چانهه به ٺاهي ڏنم، ڪافي دير تائين پنهنجي بيڊروم ۾ مضمون ويٺي لکان ته وڏو پٽ آيو ته امي ڇا پيا ڪريو ٻڌايو مانس ته توهان جي بابا جي ورسي لاءِ مضمون پئي لکان تون ڪجهه پنهنجي بابا جي يادگيريون ٻڌاءِ ته چوڻ لڳو ته مان ته توهان کي ڏوهه ڏيندس منهنجو بابا چڱو ڀلو توهان هٿ سان مارايو آهي، غلط علاج ٿيو يا ڇا ٿيو اسان کي خبر نه پئي، وڏي پٽ جي جملي منهنجي هٿن ۾ ڏڪڻي پيدا ڪري ڇڏي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا منهنجي مٺ مان پين ڇڏائجي وئي منهنجن ڳوڙهن پورو لکيل پيج پسائي ڇڏيو، 16سالن جو درد ٻيهر اٿلي پيو فلحال لکڻ بند ڪيم، سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻي ڇا لکان ان دوران ٻه ننڍا پٽ به ڪمري ۾ آيا انهن به ساڳيو سوال ڪيو ان کان به ڪا ياد پڇيم، وچ واري پٽ چيو ته امي مونکي ابو جي حياتي جي آخري مهيني ۾ موشن ۽ الٽيون ٿي پيون هيون ان وقت مان ٿلهو هوندو هيس تيرهن سالن جو هوم ابو مونکي هاسپيٽل لاءِ پنهنجي گهر جون ٽي منزلون ڪلهي تي کڻي لاٿو هو ابو سهڪي پيو پر مونکي پنڌ نه ڪرايائين, امي ڇا صرف بابا توهان کي ياد آهي يتيم ته اسان ٿيا آهيون ماءُ کان وڌيڪ پٽن جو مضبوط سهارو پيءُ جو هوندو آهي. وري ننڍي پٽ مونکي چيو ته ها امي مونکي ياد آهي ته ابو مونکي جيڪا آخري شاپنگ ڪرائي هئي مهراڻ شاپنگ سينٽر ڪلفٽن مان اهو ڏينهن مونکي ياد آهي ابو اسان کي هر وقت ياد آهي ان کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي. ڌيئرن جون شاديون ڪري ڇڏيون اٿم هو پنهنجن گهرن ۾ خوش آهن پر فون تي انهن به پڇا ڪئي ته امان اڄ فون نه ڪئي اٿو جيڪي به مون آرٽيڪل لکيا آهن اهي آفيس ۾ لکندي آهيان.
ڌيئرن کي به چيم ته توهان کي پنهنجي بابا جي ورسي ياد آهي انهن به چيو ته امي اسين ابو جي ورسي چار رمضان تي به ڪندا آهيون ۽ 26 آگسٽ تي به ,وڏي ڌي چيو ته امي مون به بابا جي ورسي لاءِ ٻه ٽي مضمون لکيا آهن مونکي ته بابا جو اهو ڏينهن نٿو وسري جنهن ڏينهن منهنجي سالگرهه هجي مون پنهنجون اسڪول جون ڇوڪريون گهرايون هيون ۽ بابا آفيس مان گهر آيو مون بابا کي ڪيڪ ۽ ڪجهه ٻين شين جي فرمائش ڪئي بابا ٿورو گهٻرائجي ويو مون ان جو مطلب نه سمجهو پر فورن بابا توهان کان هزار روپيه وٺي منهنجي لاءِ ڪيڪ ۽ مٺائي وٺي آيو شايد بابا وٽ پئسا ڪو نه هئا ۽ پوءِ مونکي پيار سان سمجهايائين ته پٽ هڪ ڏينهن پهرين ٻڌائين ها ته سٺي نموني تنهنجي سالگرهه ڪيون ها.هي ڇو جدا ٿيو، اي مالڪ تون ڪجهه ته زندگي ڏينس ها...مومل اخبار خاطر جيارينس ها، اِ ها ڪاڪ محل ڏسي ڪيترو نه خوش ٿئي ها جيئن شيخ اياز چيو آهي ته:
جيئن ٿورا ڏينهڙا
ڪهڙو ڪوڙ چوان
مرڪي مچ پوان
ساٿ نڀائي سچ سان