English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: قاسم ڊينم جي انتظاميا ۽ ٺيڪيدار خلاف پورهيتن جو احتجاجي مارچ
119 views
|
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پورهيتن عبدالله ڳوٺ کان رزاق آباد عوامي پريس ڪلب تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراهه لڳ نجي ڪمپني قاسم ڊينم جي انتظاميا ۽ ٺيڪيدار راجا تنيو پاران پورهيتن کي ليبر لا تحت پگهارون ۽ بنيادي سهولتون نه ڏيڻ خلاف پورهيتن طرفان عبدالله ڳوٺ کان رزاق آباد عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويو.احتجاج ۾ پورهيتن عادل مشتاق آرائين، اصغر کوسو، ماما عرفان بليدي، صابر بليدي، سمير بليدي، صمد لاشاري، عرفان سولنگي ۽ جمن لاشاري جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ مزدورن شرڪت ڪئي. پورهيتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي ليبر حقن بابت نعرا لکيل هئا.مظاهري دوران شرڪت ڪندڙ مزدورن سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته پورهيت دشمن ٺيڪيدار راجا تنيو خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس فيڪٽري مان هٽايو وڃي.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل گهٽ ۾ گهٽ 40 هزار رپين جي پگهار توڙي پورهيتن لاءِ رهائشي، علاج ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، جنهن سبب پورهيتن جي زندگين ۾ سخت معاشي تنگي پيدا ٿي وئي آهي.پورهيتن چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ وڏين شاهراهن تي ڌرڻا پڻ هنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ انڊس اسپتال ۽ حڪومتِ سنڌ جي سهڪار سان ويڪسين مهم بابت اجلاس
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪريءَ ۾ هڪ جديد سهولتن سان فيضان آءِ ڪلينڪ جو افتتاح
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار واسي جوڙي جو تحفظ لاءِ ملير ۾ احتجاج
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ مرزا ۾ سنڌو درياءَ جي پنجن شھيدن کي ڀيٽا پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: قاسم ڊينم
پورهيتن عبدالله ڳوٺ کان
0 تبصرے