English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ سنڌ جي عظيم ڪردار امر روپلو ڪولھي جي 166هين ورسي ملھائي وئي
views
|
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ ھزارين ماڻھن جي شرڪت، گيت، ٽيبلوز، خاڪا ۽ تقريرون ڪري ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عظيم ڪردار امر روپلو ڪولھي جي 166هين ورسي ڪنري ملھائي وئي، تقريب ۾ ھزارين ماڻھن جي شرڪت، گيت، ٽيبلوز، خاڪا ۽ تقريرون ڪري ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، روپلي جي ورسي تي عام موڪل ۽ يونيورسٽي قائم ڪري قومي هيرو قرار ڏيڻ جو مطالبو. روپلي جي جدوجھد کي جاري رکڻ جو عزم. تفصيل موجب سنڌ ڌرتي لاءِ انگريزن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ سنڌ جي عظيم ڪردار امر روپلي ڪولھي جي 166 ھين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سڄي سنڌ مان ڪولھي برادري مردن، عورتن ۽ ٻارن جي ھزارين ماڻھن جي شرڪت ڪئي، تقريب ۾ مقررين امر روپلو ڪولهي جي ڪردار تي روشني وجھي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، جڏھن ته نوجوانن ۽ ٻارن پاران ٽيبلوز، گيت، رقص، روپلي جي ڪردار تي خاڪو ۽ تقريرون ڪري ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي جنن کي شريڪ ماڻھن بيحد ساراھيو، ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر چيتن ڪولھي، سيٺ لالچند، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر پارس کينپال ڪولھي، چيتن گوئيل، پنهون، ڊاڪٽر جئه پرڪاش، ڀارمل مڪواڻا ۽ ٻين مقررين پنھنجي خطاب دوران چيو ته روپلي ڪولھي جي من ۽ تن ۾ پنھنجي ڌرتي سان محبت ھئي، دراوڙ ھن ڌرتي جا اصل وارث آھن، مقررين روپلو ڪولهي جي ورسي سرڪاري سطحي تي نه ملھائڻ تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته روپلو ڪولهي سنڌ جو اھم ڪردار آھي جنھن کي سرڪار مڪمل طور وساري ڇڏيو آھي، پنھنجي روح روپلي جھڙو روح رکو، طاقت، ڀرل، حڪمت روپلي وارو رکو، هنن چيو ته روپلي ڪولھي سنڌ ڌرتي جي لاءِ انگريزن سان جنگ وڙھي ۽ ھن ڌرتي تي قربان ٿي ويو، نوجوانن کي اڄ روپلي ڪولھي جي نقش قدم تي ھلڻ جو وچن ورجھائڻ گھرجي، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته جڏھن ڀڳل وگھو جنگ جو ٽيل وگھو تڏھن اھي ڪولھي ھئا، جنن ڪاري تتر وانگر انگريزن سان وڙھيا، اڄ جي نوجوان نسل توھان جا نمائنده آھن، پنھنجي دراوڙن جي بنيادي تحريڪ آھي حق وٺڻ ان ۾ ڪڏھن به ڪنھن مسڪين ماڻھو سان سوديبازي نه ڪجو، هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته روپلي ڪولھي جي ورسي تي عام موڪل ڪري قومي هيروز قرار ڏنو وڃي، ٿرپارڪر ۾ امر روپلو ڪولھي جي نالي سان يونيورسٽي قائم ڪري نصاب ۾ روپلو ڪولھي جي ڪردار کي پيش ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ڪردار امر روپلو ڪولھي
0 تبصرے