English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ جو جمهوري نظام تباھ ٿي چڪو، سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي: سيد زين شاهه
views
|
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ معدنيات تي نون سودن خلاف جدوجھد جاري رکنداسين: ايس يو پي سربراهه
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو آهي ته ملڪ جو جمهوري نظام مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ ظلم ۽ دادگيري جي حڪمراني خلاف اسان جي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، عمرڪوٽ ۾ مالھي ھائوس تي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي پاران ڏنل آجياڻي ۾ سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي، سيد زين شاهه چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي سطح تي عوامي ڪچھرين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي جتي عوام کي پنهنجا بنيادي مسئلا اجاگر ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته 1991ع جي پاڻي واري ايڪارڊ تحت سنڌ سان سخت ناانصافي ڪئي وئي، انڊس ريور جا وهڪرا روڪڻ جي ڪوششن خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين، هن وڌيڪَ چيو ته وفاقي حڪومت تازو آءِ ايم ايف کان چناب ڊيم لاءِ 8 ارب روپيا گهريا آهن، جڏهن ته چولستان اسڪيم رڪيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ ۽ جلالپور ڪئنال جي لائيننگ عوام سان کليل ناانصافي آهي، مان پاڻ جلالپور ڪئنال جو جائزو وٺي آيو آهيان، حڪومت کي ڪنهن به قيمت تي نون ڪئنالن ۽ باراني زمينن جي منصوبن تي اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين، سيد زين شاهه چيو ته حڪمران هٺ ڌرمي تي قائم آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن به نئين ڪئنال يا ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويو ته اسان پنهنجي پوري طاقت سان ان خلاف تحريڪ هلائينداسين، عوام جي جدوجھد جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت اڳ ئي زمينن ۽ ڪئنالن جي اشو تي پوئتي وئي آهي، پر جيڪڏهن منصوبا جاري رهيا ته اڳ کان به وڌيڪَ تيز تحريڪ ھلائينداسين، هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڻي، زميني وسيلن ۽ معدنيات جي سودن ۾ وفاق سان شريڪ آهي، جيڪا سنڌ دشمن پاليسي آهي، اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جعلي چونڊن ذريعي آيل قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ۽ نيون صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، سيد زين شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ سطح تي پاڻي لاءِ وڏي مهم شروع ڪئي ويندي ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سلسلي ۾ قومي سطح تي سڀني صوبن ۾ جدوجھد کي وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيد زين شاهه
ايس يو پي سربراهه
0 تبصرے