هٿياربندن اي ايس آءِ محمد خان ابڙو تي سندس گهر ڀرسان حملو ڪيو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي شاھ ٽائون ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن پوليس آفيسر تي گهر اڳيان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (ASI) محمد خان ابڙو موقعي تي شهيد ٿي ويو.واقعي بعد گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ علائقي ۾ خوف و هراس پکڙجي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو شهيد محمد خان ابڙو گهگهر چوڪي سميت ضلع ملير جي مختلف ٿاڻن تي ۽ هاڻ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي مقرر هو پوليس موجب واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ حملي جا سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے