ٺٽو (شفيق ڀٽي) ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي ايس ايڇ او گهارو پوليس اسٽيشن انسپيڪٽر محمد علي ڌامراھ پنهنجي عملي سان گڏ ڳجهي اطلاع تي نيشنل هاءِ وي ڪراچي ٺٽو آري ڪيمپ اسٽاپ جي ويجهو ڪامياب ڪارروائي ڪئي ۽ ٽرڪ نمبر Z-2048 ۾ گٽڪو مواد پهچائڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ٻن جوابدارن، محمد رمضان ولد محمد امير نيازي ۽ محمد ريحان ولد محمد صديق نيازي کي 2000 ڪلوگرام گٽڪو مٽيريل ۽ 600 پڙيون گٽڪو ماوا سميت گرفتار ڪيو ويو. وڌيڪ ڪارروائي ڪندي جهرڪ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر امير بخش کوسو پنهنجي عملي سان گڏ لاکو پير چڙھائي وٽ آپريشن ڪيو ۽ ٽرڪ نمبر K-2025 ۾ گٽڪو مواد پهچائڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ هڪ جوابدار محمد رفيق ولد محمد موسيٰ زنئور کي 100 ڪلو گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل ۽ 300 پڙيون گٽڪو ماوا سميت گرفتار ڪيو.لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن ۾ گٽڪا ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے