English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ انٽرنشپ ڪندڙ شاگردن پاران 5مهينن جي سکيا مڪمل ڪرڻ تي تقريب منعقد، راجوير سنگهه سوڍا ۽ ٻيا شريڪ
views
|
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وڏي وزير جي خاص معاون راجوير سنگهه سوڍا، سرفراز راڄڙ ۽ ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي ۽ ٻيا شريڪ
ڪراچي/عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)انساني حقن جي کاتي پاران مقامي هوٽل ۾ جشن آزادي ۽ هيومن رائيٽس انٽرنشپ پروگرام جي تقريب ڪوٺائي وئي.انساني حقن جي کاتي پاران اڄ 14 آگسٽ جي موقعي تي ڪراچيءَ جي مهراڻ هوٽل ۾ جشن آزادي ۽ انساني حقن جي کاتي پاران سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ انٽرنشپ ڪندڙ 60 شاگردن پاران پنجن مهينن جي سکيا مڪمل ڪرڻ تي تقريب ڪوٺائي وئي.وزيراعليٰ سنڌ جو انساني حقن بابت خاص معاون راجوير سنگهه سوڍا، سياستدان، دانشور ۽ خاص معاون سرفراز راڄڙ ۽ اقليتي مامرن واري کاتي بابت خاص معاون ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي تقريب جا خاص مهمان هئا. تقريب ۾ ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس آغا فخر حسين، ايس ايس پي انٽي ڪرپشن مير نادر علي ابڙو کان سواءِ پوليس کاتي جا آفيسر، انساني حقن جي کاتي جا آفيسر، انساني حقن بابت ڪم ڪندڙ تنظيمن جا اڳواڻ، انٽرن شپ مڪمل ڪندڙ شاگرد ۽ ٻيا مهمان شريڪ ٿيا.تقريب جي شروعات ۾ تلاوت ڪلام پاڪ ۽ پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو. جنهن بعد خاص مهمانن طرفان جشن آزادي جو ڪيڪ ڪَٽيو ويو. جنهن بعد انساني حقن جي کاتي پاران هلندڙ سال جي اسڪيمن ۽ سرگرمين جي پريزنٽيشن ڏني وئي. ڊائريڪٽر آغا فخر حسين انٽرنشپ پروگرام بابت تفصيلي گفتگو ڪئي. شاگردن پاران انٽرنشپ ڪندڙ شاگردن پاران پنهنجي پنهنجي ضلعي اندر ڪم ۽ تجربا شيئر ڪيا ويا. جنهن بعد راجوير سنگهه سوڍا پاران شاگردن ۾ انٽرنشپ مڪمل ڪرڻ جا سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا.راجوير سنگهه سوڍا پاران نڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ذريعي انساني حقن جي کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿيندڙ اميدوارن کي سوڍا صاحب پاران آفر آرڊر ڏنا ويا.تقريب کي ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوسو، مير نادر علي ابڙو، ڊائريڪٽر آغا فخر حسين، خاص معاون سرفراز راڄڙ ، خاص معاون ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي ۽ خاص معاون راجوير سنگهه سوڍا خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
راجوير سنگهه سوڍا
0 تبصرے