English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لکي غلام شاهه ۾ هاري جدوجهد ڪميٽي پاران سارين جي اگهه ۾ گهٽتائي خلاف ريلي
246 views
|
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ قادر بخش کوسو کان ڄامڙا اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وڏي، هاري، مزدور ۽ سماجي اڳواڻ به شريڪ
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور لڳ لکي غلام شاهہ ڄامڙا ۾ هاري جدوجهد ڪميٽي ضلع شڪارپور پاران سارين جي گهٽ اگهن خلاف وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين هارين، مزدورن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ڳوٺ قادر بخش کوسو کان شروع ٿي ڄامڙا اسٽاپ تائين پهتي، جتي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ ڳاڙها جهنڊا کڻي “هارين کي انصاف ڏيو”، “سارين جو منصفاڻو اگهه مقرر ڪيو”، ۽ “هارين جو معاشي قتل بند ڪيو” جا زوردار نعرا هنيا ريلي جي اڳواڻي مير صابر حسين کوسو، علي کوسو، ڊاڪٽر رمضان جوڳي، علي نواز جت، ناز نصرالله مھر، غمٺار دل، الله داد جاگيراڻي، نظام الدين جوڳي، فھيم جمالي، ارشاد جمالي ۽ بہادر علي جت ڪئي.اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت مارڪيٽن ۾ سارين جا اگهه انتهائي گهٽ آهن، جنهن سبب هارين جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي. غريب هاري پنهنجي خاندان جو گذر صفر مشڪل سان ڪري رهيا آهن، جڏهن تہ سرمائيدار ۽ واپاري سندن محنت جو ميوو کڻي رهيا آهن اڳواڻن چيو ته ريٽ گهٽ رھجڻ سان غريب هاري سخت پريشانيءَ ۾ آهن، جڏهن تہ وڏا واپاري ۽ بروڪر سندن محنت مان فائدو ماڻي رهيا آهن، جيڪو سماج ۾ معاشي نابرابري وڌائي رهيو آهي. حڪومت جي بي حسي ۽ مارڪيٽ ۾ بي ضابطي سبب زرعي شعبي کي شديد بحران کي منهن ڏيڻو پيو آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سارين جا اگهه وڌايا وڃن ته نه رڳو هارين جي زندگيءَ ۾ سڌارو ايندو، پر ڳوٺاڻن علائقن جي معيشت ۾ به استحڪام پيدا ٿيندو. هنن چيو ته زرعي ملڪ هجڻ باوجود هاري بک ۽ بيروزگاريءَ سان منھن ڏئي رهيو آهي، جيڪو وڏي ناانصافي آهي.احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ايري ڇهون نمبر سارين جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ چار هزار رپيا في مڻ ۽ سپر سارين جو اگهه اٺ هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ريٽ تي ڪنٽرول ۽ خريداري مرڪزن جي قيام لاءِ حڪومتي قدم کنيا وڃن احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت فوري طور نوٽيس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو ضلعي سطح کان صوبائي ۽ قومي سطح تائين وڌايو ويندو. اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زرعي پاليسيون هارين جي راءِ سان تيار ڪيون وڃن ۽ کين سندن محنت جو منصفاڻو معاوضو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لکي غلام شاهه
هاري جدوجهد ڪميٽي پاران
ڳوٺ قادر بخش کوسو کان ڄامڙا اسٽاپ
شڪارپور
0 تبصرے