قديم سامونڊي وسندي ريڙهي مياڻ ۾ سهولتن جي کوٽ، ڳوٺاڻن جي گڏجاڻي

قديم سامونڊي وسندي ريڙهي مياڻ ۾ سهولتن جي کوٽ، ڳوٺاڻن جي گڏجاڻي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مهاڻن جي قديم وسندي ريڙهي مياڻ جي مختلف پاڙن ۾ رهواسين صحت جي سهولتن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ لاڳاپيل ادارن کان فوري قدم کڻڻ جي گهر ڪئي آهي ان سلسلي ابراهيم کتري جي اوطاق تي ٿيل ميڙ ۾ آر ايڇ سي ۽ 36-بيڊ اسپتال جي اڻپوري سهولتن تي تفصيل سان ڳالهايو ويو جنهن تي رپورٽ ڪميٽي، ماهيگير سماجي سنگت مڪمل سهڪار جو اعلان ڪيو ساڳئي ڏينهن موسي پاڙي ۾ ليڊي ڪونسلر صغره اسلو جي گهر ۾ عورتن جو ميڙاڪو ٿيو جنهن ۾ عورتن شڪايت ڪئي ته گائني وارڊ ۾ اسٽاف جو رويو غير مناسب آهي دوائن جي کوٽ آهي، پرچين لاءِ ڊگهيون قطارون لڳن ٿيون ۽ بزرگ مريضن کي بيجا انتظار ڪرايو ٿو وڃي ٻي طرف علي محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ به ساڳيون شڪايتون سامهون آيون، جڏهن ته موسي خاصخيلي پاڙي جي رهواسين ڊسپينسري ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ، ايمبولينس جي کوٽ ۽ دوائن جي اڻپوري فراهمي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ذريعن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ جت ڳوٺ، دائود عٽماڻ ڳوٺ، سچوڏنو پاڙي ۽ صديق خاصخيلي ڳوٺ ۾ به گڏجاڻيون رٿيل آهن، جتي رهواسي صحت جي سهولتن بابت وڌيڪ تفصيل سان پنهنجو موقف پيش ڪندا. جنهن بعد باقائده جدوجهد شروع ڪري اسپتال جا مسئلا حل ڪرايا ويندا