English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ نيشنل گيمز لاءِ لاڙڪاڻو ڊويزن جا ويٽ لفٽنگ ٽرائلز منعقد
70 views
|
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) لاڙڪاڻو ڊويزن ,ويٽ لفٽنگ ٽرائلز 2025 شڪارپور ۾ شاندار نموني منعقد ٿيا, شڪارپور ۾ 35هين نيشنل گيمز 2025 لاءِ لاڙڪاڻو ڊويزن جا ويٽ لفٽنگ ٽرائلز شهيد شيراز ويٽ لفٽنگ جم ڪلب شڪارپور* ۾ شاندار نموني منعقد ٿيا۔ ٽرائلز جي نگراني ۽ مهمانِ خاص طور سنڌ ويٽ لفٽنگ ايسوسيئيشن جي صوبائي صدر محترم نفيس احمد ۽ خزانچي راشد احمد شرڪت ڪئي۔ ڪراچي مان آيل معزز مهمانن کي سنڌي ثقافت موجب استاد عبدالوهـاب ڪاغذي پاران اجرڪ ۽ گلن جا هار پارائي ڀليڪار ڪيو ويو، جنهن بعد ربن ڪاٽڻ جي رسم سان ٽرائلز جو باقاعدي افتتاح ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڊويزنل سيڪريٽري ويٽ لفٽنگ ايسوسيئيشن استاد عبدالوهـاب ڪاغذي سميت ڪيترائي رانديگر ۽ شھر جا معززين موجود هئا ٽرائلز ۾ ڊويزن جي مختلف شهرن مان 20 کان وڌيڪ ويٽ لفٽرز شرڪت ڪئي، ۽ شاندار مقابلا ٿيا۔ سخت مقابلي کان پوءِ شڪارپور جا هيٺيان 6 رانديگر چونڊيا ويا: پهرين ڪلاس، فيصل علي ڀٽو ٻي ڪلاس، مبين علي زين هڪڙو ٽين ڪلاس، شاهجهان علي ڀٽو چوٿين ڪلاس، وقار قادر ڀٽو پنجين ڪلاس، شير علي هڪڙو ڇهين ڪلاس، اسرار علي سومرو، هي چونڊيل رانديگر 35هين نيشنل گيمز لاءِ ٿيندڙ سنڌ ليول ٽرائلز ۾ شرڪت لاءِ 17 آڪٽوبر تي ڪراچي روانا ٿيندا شڪارپور جي نوجوانن جي شاندار ڪارڪردگي تي استاد عبدالوهـاب ڪاغذي چيو ته شڪارپور جي محنتي رانديگرن ثابت ڪيو آهي ته اسان جو شهر صلاحيت، جذبي ۽ عزم سان ڀرپور آهي۔ يقين آهي ته اهي نوجوان سنڌ ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جو نالو فخر سان روشن ڪندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
ويٽ لفٽنگ ٽرائلز
لاڙڪاڻو ڊويزن
0 تبصرے