English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: محمد علي پٺاڻ جي نئين ڪتاب "عجب جھڙا انسان" (خاڪا) جو مهورت
264 views
|
09th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
محمد علي پٺاڻ جي ڏوھٽي مُعِزُ پٺاڻ ۽ ڏوھِٽي حورين پٺاڻ (جونيئر شھر بانو پٺاڻ) ھٿان مھورت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي سينيئر ڪھاڻيڪار، شاعر، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار محمد علي پٺاڻ جي نئين ڇپيل چاليھين ڪتاب "عجب جھڙا انسان" (خاڪا) جو سندس ڏوھٽو مُعِزُ پٺاڻ ۽ ڏوھِٽي حورين پٺاڻ (جونيئر شھر بانو پٺاڻ) جي ھٿان مھورت ڪئي وئي. ڪتاب جو مھاڳ ڊاڪٽر شير مھراڻي ۽ پيش لفظ آفتاب سُرھيي لکيو آهي. ان کان سواءِ مختصر راءِ ڊاڪٽر جاويد عباسي جي ۽ انگريزيءَ ۾ ڄام جماليءَ مفصل مضمون لکيو آهي. جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل لاءِ سِٽون امر پيرزادي جون تحرير ٿيل آهن. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ سنڌ جي موجوده دور جي ليجنڊ ڪھاڻيڪارا ۽ ناول نگار جھان آرا سومرو کي ڪئي وئي آهي. مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، پاران ڇپيل ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھنجي امڙ عائشه خاتون عباسي، سوڀي گيانچنداڻيءَ، شيخ اياز، تاج بلوچ، انور بلوچ، جوھر بروهيءَ، بادل جماليءَ، بدر ابڙي، شھيد ملير مرتضيٰ بلوچ، زرار پيرزادي، عيد سولنگياڻيءَ، مامي رمضان ساريي، لياقت راڄپر، منظور قادر، استاد محمد بچل عباسي، خان محمد چانڊيي، حافظ نظير عباسي، ڊاڪٽر جاويد شيخ ۽ علي ڏني چني بابت لکيل خاڪا شامل ڪيل آهن. ڪتاب جو ملهه چار سئو رپيا آهي. جيڪو سنڌ جي سمورن بڪ اسٽالن تي دستياب آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
محمد علي پٺاڻ
عجب جھڙا انسان
ملير
0 تبصرے