راجوير سنگھ سوڍو جي جنم ڏينهن تي سندس آفيس ۾ تقريب منعقد، ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو
عمرڪوٽ/ڪراچي (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن واري کاتي جي صوبائي صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي سندس آفيس ۾ هڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ معزز مهمان، سرڪاري آفيسر، سياسي اڳواڻ ۽ سماجي شخصيتون شريڪ ٿيون، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ وزيراعليٰ سنڌ لاءِ ماحوليات، آبهوا جي تبديلي ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ جا صلاحڪار دوست علي راھمون، سنڌ آرڪائيوز لاءِ خاص اسسٽنٽ سرفراز راڄڙ، ايم پي اي فياض بٽ، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، انساني حقن جو سيڪريٽري خالد چاچڙ، ڊائريڪٽر آغا فخر حسين، چندن مالھي، صوبائي ڪوآرڊينيٽر اين سي ايڇ آر، آفيس اسٽاف ۽ انساني حقن واري کاتي جا آفيسر شامل هئا، ان موقعي تي راجوير سنگھ سوڍو کي جنم ڏينهن جي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني وئي ۽ سڀني گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو، تقريب دوران پيار، ڀائيچاري، خوشي ۽ احترام جو ماحول ڇانيل رهيو، مهمانن راجوير سنگهه سوڍو جي انساني حقن جي ميدان ۾ خدمتن، همدردي ۽ عوام دوست ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته هو سنڌ ۾ بين المذاهب رواداري ۽ انساني خدمت جو روشن مثال آهي، ٻئي پاسي عمرڪوٽ ۾ به راجوير سنگهه سوڍو جي سالگرهه جو جشن ملهائڻ لاءِ پارڪريا ميگھواڙ برادري جي نوجوانن ڪانجي مل رکيسر، پرڪاش ڪمار، ڪبير ۽ راجيش ڪمار پاران درڙا ھائوس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي پڻ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ راجوير سنگهه سوڍو جي انسان دوست ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو، تقريب ۾ مقامي ماڻهن ۽ نوجوانن چيو ته راجوير سنگھ سوڍو جهڙا سماج دوست اڳواڻ سنڌ جي نئين نسل لاءِ حوصلي ۽ اميد جو سرچشمو آهن، جيڪي بغير فرق جي هر طبقِي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
0 تبصرے