قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جو اجلاس وجئہ ساگر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

ٿرپارڪر جو ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا لٽي بدلي ۾ بک، بدحالي ۽ خودڪشيون ڏنيون ويون آھن: اڳواڻ

قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جو اجلاس وجئہ ساگر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

مٺي(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جو اجلاس مٺي شھر جي پرمار ڪالوني ۾ ضلعي نائب صدر وجئہ ساگر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ضلعي جي تنظيمي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو وٺي تنظيم سازي کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ 15 نومبر تي ننگرپارڪر ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت م جلسه عام ڪيو ويندو. جڏھن تہ تنظيم سازي جي سلسلي ۾ 3 آڪٽوبر تي اسلام ڪوٽ تعلقي جو اجلاس، 5 آڪٽوبر تي مٺي تعلقي جو اجلاس، 11 آڪٽوبر تي ننگرپارڪر، 12 آڪٽوبر تي ڇاڇرو، 19 آڪٽوبر تي ڪلوئي ۽ ڏيپلو تعلقن جا اجلاس طلب ڪري ذميوار مقرر ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ ٿرپارڪر جو ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا لٽي بدلي ۾ بک، بدحالي ۽ خودڪشيون ڏنيون ويون آھن. ٿرڪول جي بجلي ذريعي پنجاب ۾ روشني آھي پر ٿرپارڪر جا ڳوٺ بجلي کان محروم آھن. ٿرڪول ۾ اھم نوڪرين لاءِ مقامي نوجوانن لاءِ دروازا بند آھن. ڪجھ عورتن کي ڊرائيونگ ۽ ننڍيون نوڪريون ڏئي دنيا کي ھاٿي وارا ڏند ڏيکاريا ويا آھن. دنيا ۾ ڪوئلي جو سڀ کان وڏو ذخيرو سنڌ وٽ ٿر ۾ آھي پر سڀ کان وڌيڪ غربت بہ ٿرپارڪر ۾ آھي. ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن. پيپلز پارٽي ٿر سميت سنڌ جا وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آ ھي. ڪارونجھر مزاحمت ۽ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽ بند پيا آھن. اينگرو کانسواء سڄي ضلعي جا روڊ تباھ آھن. پرامن خطي کي منشيات، چورين ۽ جھنگلي جيوت جي شڪارگاھ بنايو ويو آھي. ضلعي نائب صدر وجئہ ڪمار چيو تہ ٿرپارڪر کي يونيورسٽي ۽ سمورن تعلقن م لائبريريون ڏئي اعلي تعليم جي سھولت ڏني وڃي. چوپايو مال بيمارين سبب مري رھيو آھي. جنرل سيڪريٽري پرشوتم پرمار خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران ٿر جي تباھي کان لاتعلق آھن. ڪرپشن ذريعي ٿر کي لٽيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي حڪومت ۾ سڄي ٿر جا روڊ ختم ٿي ويا آھن. ننگر پارڪر ۾ 15 نومبر تي اياز لطيف پليجو صدارت م جلسو ٿر جو آواز بڻجندو. اجلاس ۾ سريش پرمار، محمد نھڙي، روشن بجير، ڪرشن پرمار، مجنون نھڙي، مناف نھڙي، ڪيولرام، صدر اوٺو، غلام حسين پاڙھو، جادو، اڪبر علي، پرشوتم پرمار، موھن سوجاڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.