نوشهروفيروز واسي جوڙي ڪراچي ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

نوشهروفيروز واسي جوڙي ڪراچي ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)نوشهروفیروز واسي پريمي جوڙي ڪراچي پهچي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو تحفظ جي اپيل تفصيل موجب نوشهروفیروز ضلعي جي ڳوٺ امام بخش شر واسي ناري رخسانه ۽ نوجوان علي احمد پنهنجي مرضي سان ڪراچي پهچي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو عدالت ۾ شادي بعد پريمي جوڙي صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته هنن شريعت ۽ قانون مطابق مرضي سان پرڻو ڪيو آهي، ڪو به گناهه نه ڪيو آهي، پر سندن مائٽن کين مارڻ جي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڪنوار رخسانه جو چوڻ هو ته مون پنهنجي پسند سان علي احمد سان شادي ڪئي آهي، مون تي ڪو به جبر ناهي اهو منهنجو پنهنجي دل جو فيصلو آهي. اسان عدالت ۾ شادي رجسٽر ڪرائي آهي، تنهن هوندي به اسان جي زندگين کي خطرو آهي مائٽ اسان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا گهوٽ علي احمد چيو ته اسان قانوني طريقي سان پرڻو ڪيو آهي، اسان کي تحفظ ڏنو وڃي، جيئن خوشگوار زندگي گذاري سگهون پريمي جوڙي سنڌ حڪومت، پوليس ۽ انساني حقن جي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيئن هو بنا خوف پنهنجي نئين زندگي شروع ڪري سگهن