عمرڪوٽ: ڳوٺ ڇاپر کوسا ۾ نوجوان پورهيت مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ: ڳوٺ ڇاپر کوسا ۾ نوجوان پورهيت مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڇاپر کوسا واسي 30 ورهين جي پورهيت غمشاد علي کوسو ڦاھو کائي خودڪشي ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، سندس لاش گهر جي ڪمري مان هٿ اچڻ تي علائقي ۾ سنسني پکڙجي وئي، پوليس موجب لاش کي فوري طور سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتگي جي خبر ٻڌڻ سان گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، تفتيشي عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي کي في الحال "مبينا خودڪشي" طور ڏٺو پيو وڃي، پر موت جي صحيح سببن جي ڇنڊڇاڻ جاچ کان پوءِ ئي ظاهر ٿيندي، ان سلسلي ۾ شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا پيا وڃن ۽ گهر جي اندرين حالتن جو جائزو ورتو پيو وڃي، مقامي ماڻهن ۽ رشتيدارن موجب، غمشاد علي جي زندگي ختم ڪرڻ جو ڪو به واضح سبب سامهون نه آيو آهي، جنهن ڪري سوالن جا سلسلا وڌي ويا آهن، پوليس ترجمان چيو آهي ته وارثن سان گڏ ڳوٺاڻن کان به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ته جيئن حقيقت سامهون اچي سگهي، واقعي جي مڪمل جاچ رپورٽ تي حتمي راءِ ڏني ويندي، جڏهن ته پوليس عوام کان اپيل ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ واقعي بابت ڪا ڄاڻ هجي ته ان کي فوري طور قانوني ادارن تائين پهچايو وڃي.