استادن جي پگهارن ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي: ڊي سي منور عباس سومرو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو نون ڀرتي ٿيل پرائمري استادن کي 8 مهينن کان پگهار نه ملڻ جي شڪايت تي سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل کاتن جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ۔ اجلاس ۾ ڊي اي او سيڪنڊري خصور بخش خاصخيلي ، ڊي اي او پرائمري نور سرائي، ضلعي اڪائونٽس آفيس جا عملدارن ۽ استادن شرڪت ڪئي ۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر واضح هدايتون ڏيندي چيو ته استادن جي پگهارن ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سمورين واجبات جي فوري ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن تدريسي عمل متاثر نه ٿئي۔ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته استاد سماج جا معمار آهن ۽ انهن جا مالي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن - ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته 500 استادن جو ڊيٽابيس مڪمل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته باقي 147 استادن جو ڊيٽابيس ايندڙ هفتي تائين مڪمل ڪري ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد کي پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد سندن پگهارن جو مسئلو حل ٿي ويندو ۔ استادن ڊپٽي ڪمشنر جي هن قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ کين پگهارن جي ادائيگيءَ ۾ ڪنهن به ڏکيائيءَ کي منهن نه ڏيڻو پوندو۔
0 تبصرے