شهرين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي: ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ
نوشهروفيروز (ڊ ر) ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفا ميمڻ شهر جي مختلف علائقن هيٺائين چوڪ، ريشم گلي، ٺاروشاهه چوڪ، مارڪيٽ چوڪ، شاهي بازار، الله واري چوڪ ۽ ٽيليفون ايڪسچينج واري گليء جو طوفاني دورو ڪيو ان موقعي تي ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ شهرين سان ملاقاتون ڪري سندن شڪايتون معلوم ڪيون ۽ چيف ميونيسپل آفيسر کي موقعي تي هدايت ڪئي ته شهرين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ته جيئن ٻيهر شڪايت نه اچي هن شهرين کي اپيل ڪندي پابند ڪيو ته شهري انڪروچمينٽ نه ڪن ته جيئن شهر کي صاف سٿرو رکي سگهجي ۽ شهرين کي تڪليف نه ٿئي ميونيسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفا ميمڻ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي پوري ڪوشش آهي ته شهر کي گندي پاڻي ۽ گندگيء کان پاڪ رکون ۽ شهر مان حددخلين جي آزار کي شهرين سان گڏجي ختم ڪرايون جنهن لاءِ ساڃاهه وند ڌرين جي سهڪار جي ضرورت آهي هن چيو ته شهر مان گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ جوڳا قدم کنيا آهن اڳ شهر ۾ هفتا ۽ مهينا پاڻي روڊن رستن تي بيٺل هوندو هو پر هاڻي گندو توڙي برساتي پاڻي نيڪال ٿي وڃي ان لاءِ وڌيڪ 18 انچن جي پائيپ لائين وڇائي شهر کي صاف ڪبو هن وڌيڪ چيو ته يونين جي آڙ وٺي بليڪ ميل نه ڪيو وڃي جائز مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪيا ويندا ملازم ٻچا آهن پر ڊيوٽي چور گوسڙو ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو 8 ڪلاڪ ڊيوٽي نه ڪندڙ ملازمن کي گهرجي ته هو پاڻ مرادو استعيفا ڏئي هليا وڃن ڇو ته انهن لاءِ ميونسپل ۾ ڪابه رعايت نه آهي احتجاج ڪري ناجائز فائدو نه ورتو وڃي
0 تبصرے