ڏوڪري(اطهر ميمڻ) هائي مظلوم حسين عليہ السلام، ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ محمد ڇٽل ابڙو ۾ ڪربلا جي شهيدن ٽيهجي جي مجلس عزا منعقد ڪئي. ڳوٺ ڇٽل ابڙو ۾ زوار فدا حسين ابڙو، گدا حسين ابڙو، عاشق حسين ابڙو، فيصل رضا ابڙو، جيند فدا حسين ابڙو پاران امام حسين علیہ السلام ۽ جانثارن ڪربلا جي ٽيهجي جي حوالي سان مجلس عزا منعقد ڪئي وئي مجلس عزا کي ذاڪر اهلبيت سيد ذاڪر حسين شاھ، علامہ شهمير حسين ڀيو، ذاڪر ضيغم عباس شاھ،ذاڪر محسن عباس قمي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا اسلام جي بقا جو نالو آهي اسلام خاطر امام حسين علیہ السلام 72 جانثارن جي جانين جا نذرانا ڏئي اسلام جو علم بلند ڪيو آهي. علامہ ڪرامن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪربلا ۾ امام حسين علیہ السلام 72 جانثارن کي شهيد ڪرڻ بعد بيبين کي قيد ڪري ڪوفي ۽ شام جي بازارون ۾ بنا چادرن جي گذر ڪرائي يزيد جي درٻار ۾ آندو ويو. هنن چيو ته ڪربلا ۾ امام حسين علیہ السلام پنهنجي آل جون قربانيون ڏئي آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي دين کي بچايو آهي.
0 تبصرے