English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پارٽي قيادت جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان تي پورو لهندي عوامي خدمت کي جاري رکندس: نذير احمد ڀٽو
views
|
10th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پ پ پي ايس 86 جي صدر نذير احمد ڀٽو جي شاندار آجيان
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 86 ملير جي صدر نذير احمد ڀٽو جي آجيان ۾ پارٽي ڪارڪنن شاندار ريلي ڪڍي، جيڪا رزاق آباد، لاشاري ڳوٺ، عبدالله ڳوٺ ۽ ڀينس ڪالوني ۽ ٻين علائقن مان ٿيندي شاھ لطيف ٽائون پهتي، جتي وڏي عوامي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي ريلي جي اڳواڻي سينيئر پارٽي اڳواڻن هاشم لاشاري، غني گبول، ستار حمايتي جميل لاشاري ۽ ٻين ڪئي شرڪت ڪندڙن ملير جو ڀٽو نذير ڀٽو جا نعرا هڻي ماحول گرمايو جلسي کي خطاب ڪندي نذير احمد ڀٽو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپور، نثار کهڙو ۽ ٻين مرڪزي ۽ ضلعي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هي عهدو منهنجي لاءِ صرف منصب نه پر عوامي خدمت جو موقعو آهي. هن چيو ته هو پارٽي نظريي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندو رڪاوٽڻ باوجود مان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ تي يقين رکان ٿو، ۽ چاهيان ٿو ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن تنظيم جي اتحاد هيٺ گڏجي ڪم ڪن هن پي ايس جي سمورين برادرين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسين سڀ پيپلز پارٽي جا آھيون چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۽ پارٽي جهنڊي هيٺان عوامي خدمت جاري رکنداسين ٻئي پاسي نذير ڀٽو جي مقرري بعد پي ايس 86 جي تنظيم ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن، جتي نئین چونڊيل جنرل سيڪريٽري رسول خان سواتي، سينيئر نائب صدر انور بلوچ، انفارميشن سيڪريٽري نئين صدر سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي ٻئي پاسي يوسي ڪيٽل ڪالوني جي چيئرمين جاويد ڪاڪو، يوسي چوڪنڊي جي چيئرمين رشيد احمد پنهور، وائس چيئرمين منظور عارفاني ۽ ابراهيم حيدري جي پارلياماني ليڊر اختر عارفاني سميت ڪيترن ئي اڳواڻن احتجاجن استعيفائون ڏنيون آهن جڏهن ته پي ايس 86 جي چئين يوسين چوڪنڊي ڀينس ڪالوني، شاھ لطيف، صالح محمد ڳوٺ جي عهديدارن پڻ نئين صدر سان گڏ هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي انهن اڳواڻن جو موقف آهي ته نذير ڀٽو پي ايس 86 جو رهواسي ناهي ضلع تنظيم جي پروپوزل ۾ سندس نالو شامل هو سندن چوڻ هو ته ضلعي تنظيم جي مشاورت کانسواءِ سندس چونڊ ڪئي وئي آھي جيڪا پارٽي جي جمهوري اصولن ۽ ڪارڪنن جي اعتماد کي نقصان پهچائي ٿي جڏهن ته ڄاڻايل فيصلي تي ضلعي صدر راجا رزاق بلوچ به نا خوش آهي ٻئي پاسي ٻنهي ڌرين وچ ۾ سوشل ميڊيا تي ڪرپشن ۽ ٻين الزامن جي ڏي وٺ پڻ جاري آهي، جنهن سان تنظيم اندروني اختلافن جو شڪار ٿي وئي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
25th Jul 2025
•
سندھ
شرح سود 6فیصد تک لایا جائے تاکہ قرضے سستے ہوں اور صنعت ترقی کر سکے،ملک خدا بخش
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ پليو مستوئي واسي ٻن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن: اياز لطيف پليجو
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: ايس ڊي او سيپڪو محمد ودود بدلي، سندس جي جاءِ تي اختيار سوهو مقرر
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نذير احمد ڀٽو
0 تبصرے