English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
زاهد لغاري، عرفان لغاري، فضيلا لغاري۽ ٻيا سنڌ جا شهيد آهن، سنڌ حڪومت وارثن کي 5،5 ڪروڙ معاوضو ڏئي:اياز لطيف پليجو
views
|
09th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو ڳوٺ بجراڻي لغاري پهچي ويو، شهيد زاهد ۽ عرفان جي وارثن سان تعزيت
مورو(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل اياز لطيف پليجي ڳوٺ بجراڻي لغاري پھچي شھيد زاھد لغاري، شھيد عرفان لغاري، فضيلا لغاري، ٻارڙي ڀَلي لغاري ۽ منير لغاري جي تعزيت ۽ دلبر لغاري جي عيادت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي پرامن نوجوانن کي شھيد ڪرڻ ۽ درجنين ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ ڳوٺ جي سماجي ۽ معاشي ناڪابندي فورن ختم ڪرڻ ۽ شھيد نوجوانن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ، شھيدن جي وارثن کي پنج پنج ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ جيڪي ماڻھون کڻي گم ڪيا ويا آھن انھن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ھن سموري واقعي جو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نوٽيس وٺي ۽ سندس سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي جانچ ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهياياز لطيف پليجو چيو تہ شھيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاھد لغاري جي شھادت تي گھرو ڏک پھتو آھي بجراڻي لغاري ڳوٺ جا رھواسي امن پسند پورھيت ھاري آھن جيڪي پنھنجي پوکي زمينن ۽ سنڌوءَ درياءَ سان پيار ڪن ٿا ھڪ سازش تحت پر امن جدوجھد کي پر تشدد بڻايو ويو تہ جيئن ٻيو ڪير به آواز بلند نہ ڪري سگھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ماڻھن کي سنڌو درياءَ ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ خلاف واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻو پوندتہ جيئن ھي تحريڪ مضبوط ٿئي. حڪمرانن جي اھا ڀل آھي تہ اسان پوئتي ھٽنداسين پر ھن ڳوٺ جي نوجوانن جي شھادت کانپوءِ سنڌ جي ماڻھن ۾ ھڪ اتساھ پيدا ٿيو آھي ھي تحريڪ ھاڻي رڪجڻي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مورو ۾ احتجاج ڪندڙ پنهنجي حصي جو پاڻي گهريو هو جيڪو انهن جو بنيادي حق آهي. ايران-اسرائيل جنگ ۾ ايران کي پزيرائي ملي آهي پاڪستان - هندستان جنگ ۾ پاڪستان کي پزيرائي ملي آهي اهو ائين ٿيڻ گهرجي ها تہ حڪومت هن خوشي ۾ پنهنجي شهرين شريڪ ڪري ها. سنڌ جي ماڻهن کي حق نہ ملندا آهن، ملڪ ۾ گئس هجڻ جي باوجود انهن جا چولها نہ ٿا ٻرن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق ۽ پنجاب جو ڪردار سنڌ لاءِ اسرائيل جھڙو آھي. سنڌ کي ھڪ طرف مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي ٻئي طرف درياھ تي ڌاڙي ھڻڻ جا منصوبا جوڙي ڪروڙين ماڻھن کي اڃ ۽ بک وگھي مارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي ماڻھن وٽ 2 رستا آھن يا اھي خاموش ٿي قاتل منصوبا قبول ڪن يا سنڌ ۽ پنھنجي نسلن جي بقا لاءِ مستقل جدوجھد جي ميدان تي اچي سمورا قاتل منصوبا ختم ڪرائين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي گورننس تباھ آھي. ڌاڙيل راڄ قائم آھي، ماڻھن جي جان ۽ مال محفوظ ناھي. سنڌ کي ڪرپشن ۽ منشيات جو مرڪز بنايو ويو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض درياھ ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق ۽ پنجاب سنڌ تي حملي آور آھن. ڪئنال منصوبا سنڌ کي قبرستان بنائي ڇڏيندا. چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ملڪ خلاف وڏي سازش آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ٿين ٿيون. اريگيشن، تعليم، صحت، بلديات سميت ھر کاتو نيلام گھر بنائڻ بند ڪيو وڃي. جيستائين ڪرپشن ختم نہ ٿيندي تيستائين سنڌ ترقي نہ ڪندي. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي گرفتار ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jul 2025
•
سندھ
19سالہ دلہن پر جنسی تشدد کا افسوسناک واقعہ صوبائی وزیر شاہینہ شیر علی ٹراما سینٹر پہنچ گئی
09th Jul 2025
•
دلچسپ اور عجیب
انتہائی دل دہلا دینے والا واقعہ: ماں کی لاپرواہی، بچه بولنے کے بجائے بھونکنے لگا
09th Jul 2025
•
شوبز
لڑکی ہونے کا ثبوت مانگنا ایک تکلیف دہ لمحہ تھا: مومنا اقبال کا جعلی ویڈیو پر ردعمل
09th Jul 2025
•
تازہ ترین
ظلم کی انتہا: شوہر نے تیزاب پلا کر بیوی کو قتل کر دیا
09th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
مورو شهر ۾ حددخلين ۽ قبضن خلاف ٻيهر آپريشن شروع
09th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير جي هاشم خاصخيلي ڳوٺ ۾ گٽراٿلي پيا، گند جا ڍير لڳل
09th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز مان ٿيل چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار
09th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو پاران آر ڊي 147 ڄام ساڪرو آئوٽ فال گل منڊا جو دورو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ياز لطيف پليجو
مورو
قومي عوامي تحريڪ
ڳوٺ بجراڻي لغاري
0 تبصرے