عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف ھنڌن تي پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ميل موبلائيزرن طرفان ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون ويو، سڀاڻي 11 جولا تي پاپوليشن کاتي جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان تقريب ٿيندي. خبر موجب عمرڪوٽ پاپوليشن کاتي پاران ضلعي جي مختلف سينٽرن ايم ايس يو ڪنري ۽ ايف ڊبليو سي سينٽر ڪنري, غلام نبي شاهه, صوفي فقير, ڪولھي دڙو عمرڪوٽ سٽي, ڇور سينٽر ۽ ٻين تي ورلڊ پاپوليشن ڊي 11 جولائي جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻيون ۽ بي بي شو پروگرام ڪرايا ويا ۽ گڏوگڏ مختلف سينٽرن تي ايف ايڇ ڊي فيملي ھيلٿ ڊي ۽ فري ميڊيڪل ڪئمپون پڻ لڳايون ويون پاپوليشن کاتي سنڌ جي سيڪريٽري حفيظ الله عباسي جي خاص ھدايتن تي پاپوليشن کاتي عمرڪوٽ جي ضلعي آفيسر سعيد احمد پٺاڻ پاران عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف فيملي ويلفيئر سينٽرن تي فيملي ھيلٿ ڊي ۽ بي بي شو سميت مردن جي نس بندي ڪرڻ لاء ميل موبلائيزرن پڻ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ۽ فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون جنهن ۾ خانداني منصوبابندي پروگرام جي حوالي سان پيغام پھچايو ويو ۽ مفت ۾ دوائون تقسيم ڪيون ڪيترن ئي مريضن کي پڻ چڪاس ڪيو ويو ۽ ٻارڙن ۾ گفت تقسيم ڪيا ويا ضلعي آفيسر سعيد احمد پٺاڻ چيو ته وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رھيا آھيون ۽ ضلعي اندر ايف ڊبليو سي سينٽر ۽ ملازم پڻ فيلڊ ۾ ڪم ڪري رھيا آھيون ھن وڌيڪ چيو عمرڪوٽ ضلعو پوري سنڌ جي ٻين ضلعن کان پھرين نمبر تي مرد نس بندي اين ايس وي جا ڪيس ڪرايا آهن جنهن جو رڪارڊ آهي محنتي ميل موبلائيزر پپو مالھي جي محنت سان سعيد احمد پٺاڻ وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف سينٽرن تي بي بي شو پروگرام سميت مردانه نس بندي جي حوالي سان ۽ ايف ايڇ ڊي جا پروگرام ڪري عوام کي آگاھي ڏيئي رھيا آهن ۽ ورلڊ پاپوليشن 11جولائي پاپوليشن ڊي جي حوالي سان پروگرام ٿين پيا عوام کي آگاھي ڏيڻ لاء اميد آهي ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاپوليشن کاتو بھتر ڪم ڪندو ۽ گھر گھر وڃي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء جاڳرتا مھم ھلائي عوام کي آگاھي ڏيندا سون ته جيئن وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ٿي سگهي
0 تبصرے