English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجو سان ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون
views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، پاڻي جي کوٽ ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھ پرنس ٽائون قاسم آباد حيدرآباد تي جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي ملاقات ڪري ملڪي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، پاڻي جي کوٽ ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت چاھي ٿي تہ سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڌاڙيلن جو راڄ ھجي، لاقانونيت ھجي، جھالت ھجي، عوام يرغمال ھجي، دھشت واري ماحول ۾ ماڻھو خاموش ۽ قيد ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ سنڌ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 18 سالن ۾ سنڌ سان خطر ناڪ حشر ڪيو ويو آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي سنڌي ماڻهو خوشحال بدران اسان جا غلام ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ماڻھو سنڌ حڪومت ۽پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. اصل طاقت ھاري، پورھيت ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌي ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن، ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام کي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ بيڊگورننس جي ڪري بحران ۽ مسئلا آھن. ڪرپشن وڏو مسئلو آھي، سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا ڪرپشن جو مرڪز بنجي ويا آھن. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي ھٽايو وڃي. ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت ٻڌائي تہ غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن. جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو تہ چيو تہ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. ھڪڙا ڌاڙيل سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ماڻھو اغوا ڪن ٿا. قتل ڪن ٿا ۽ ٻيا ڌاڙيل سنڌ جي دولت لٽي رھيا آھن. ڪرپشن ڪري رھيا آھن. وسيلن جي ڀينگ ڪري رھيا آھن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. صحت جون سهولتون ناھن. تعليمي نظام درھم برھم آھي. روڊ ٽٽل آھن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. 18 سالن کان ھلندڙ خراب حڪمراني سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
ڊاڪٽر صفدر عباسي
0 تبصرے